Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 4:1 - Common Language New Testament

1 اسين پنھنجي ڏاڏي ابراھيم بابت ڇا چئون؟ ھن کي ڇا حاصل ٿيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تڏهن اسين ڇا چئون، تہ ابراهيم، جو جسماني طور اسان جو ابو هو، تنهن کي ڇا حاصل ٿيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ آءٌ ابرهام جو مثال ڏيندس، جيڪو شرير جي لحاظ کان اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن ايشور ڏانهن سچار بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ آءٌ ابراهيم جو مثال ڏيندس، جيڪو جسماني طور اسان جو ڏاڏو آهي، تہ هو ڪيئن خدا ڏانهن سچار بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 4:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ائين نہ سمجھو تہ اوھين ابراھيم جو اولاد آھيو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا ھنن پٿرن مان بہ ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


اھڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوھان سچ⁠پچ پنھنجن گناھن تي پڇتايو آھي. پاڻ ۾ ائين نہ چئو تہ ’اسين ابراھيم جو اولاد آھيون.‘ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھنن پٿرن مان بہ خدا ابراھيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو.


تنھن تي انھن وراڻيو تہ ”اسين ابراھيم جو اولاد آھيون ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جا غلام نہ ٿيا آھيون، تہ پوءِ تنھنجي انھيءَ چوڻ جو مقصد ڇا آھي تہ ’اوھين آزاد ٿيندا‘؟“


اسان جو پيءُ ابراھيم جيڪو مري ويو تنھن کان بہ تون وڏو آھين ڇا؟ نبي بہ مري ويا تہ تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجھين؟“


اوھان جو پيءُ ابراھيم منھنجي انھيءَ ڏينھن جي ڏسڻ جي اميد تي ڏاڍو خوش ھو. ھُن اھو ڏينھن ڏٺو ۽ خوش ٿيو.“


اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.


اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو،


پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بي⁠انصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟


تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.


تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ گناھہ ڪندا رھون تہ جيئن خدا جو فضل وڌيڪ ٿئي؟


پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ شريعت گناھہ آھي؟ نہ، بلڪل نہ، ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن شريعت نہ ھجي ھا تہ مون کي گناھہ جي خبر نہ پوي ھا. جيڪڏھن شريعت نہ چوي ھا تہ ”لالچ نہ ڪر“ تہ مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ھا.


انھن سڀني ڳالھين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏھن خدا اسان سان آھي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟


ڇا ھو ئي عبراني آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي بني اسرائيل آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي ابراھيم جي نسل مان آھن؟ آءٌ بہ آھيان.


تنھن کان سواءِ جڏھن اسان جا جسماني پيئر اسان کي سيکت ڏيندا ھئا، تڏھن انھن جي تعظيم ڪندا ھئاسون، تہ پوءِ اسين پنھنجي روحاني پيءُ جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رھون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ