Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 3:26 - Common Language New Testament

26 پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هائو، هينئر ئي هو پنهنجي راستبازي ظاهر ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ هو پاڻ بہ راستباز رهي ۽ جيڪو يسوع تي ايمان ٿو آڻي، تنهن کي بہ راستباز ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي ايشور اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو يسوع تي وشواس آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي خدا اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 3:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اھو ٻار جسماني ۽ روحاني طرح وڌيو ۽ ايستائين بيابان ۾ رھڻ لڳو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاھر نہ ڪيائين.


عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين.


پوءِ اسان کي فخر ڪرڻ نہ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي ئي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.


بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻ⁠طھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.


پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي.


خدا جي چونڊيل ماڻھن تي ڪير تھمت ھڻندو؟ جڏھن خدا خود انھن کي پاڻ ڏانھن سچار ٿو بڻائي.


اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ