Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:9 - Common Language New Testament

9 جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، پھريائين يھودين تي پوءِ غير قومن تي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ مصيبت ۽ لوڇ، سڀ ڪنهن بدڪار ماڻهوءَ جي جان تي ايندي، پهرين يهوديءَ تي، ۽ پوءِ يوناني تي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف پرگھٽ ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:9
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.


۽ ھن جي نالي ۾ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين توبھہ ۽ گناھن جي بخشڻ جي تبليغ ضرور ڪئي وڃي.


جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“


اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.


يھودين ۽ غير⁠قوم وارن ٻنھي کي چتاءُ ڏنو اٿم تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻين.


پھريائين دمشق، پوءِ يروشلم، يھوديہ جي سڄي علائقي ۽ غيرقومن ۾ مون اھا تبليغ ڪئي تہ اھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪري خدا ڏانھن ڦرن ۽ اھڙا ڪم ڪن جن مان خبر پوي تہ ھنن سچ⁠پچ توبھہ ڪئي آھي.


ٽن ڏينھن کان پوءِ پولس اتي جي يھودي اڳواڻن جي گڏجاڻي سڏائي. جڏھن اھي اچي ڪٺا ٿيا تہ ھن کين چيو تہ ”منھنجا ڀائرؤ! جيتوڻيڪ مون پنھنجي قوم وارن ۽ وڏن جي ريتن رسمن خلاف ڪجھہ بہ نہ ڪيو آھي، تہ بہ مون کي يروشلم ۾ گرفتار ڪري رومين جي حوالي ڪيو ويو.


پولس آخر ۾ چيو تہ ”اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ خدا جو ڇوٽڪاري وارو پيغام غير قومن ڏانھن موڪليو ٿو وڃي ۽ اھي ٻڌندا.“


انھيءَ ڪري خدا پنھنجي ٻانھي کي چونڊي پھريائين اوھان ڏانھن موڪليو تہ ھو اوھان کي اھا برڪت ڏئي جو اوھين سڀيئي بڇڙاين کان منھن موڙيو.“


مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.


ھن ۾ ھر ھڪ اچي وڃي ٿو، ڇالاءِ⁠جو يھودين ۽ غير قومن ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. خدا سڀني جو خداوند آھي ۽ جيڪو بہ کيس پڪاري ٿو تنھن تي گھڻي نعمت نازل ڪري ٿو.


پر جيڪي چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي خدا شان، عزت ۽ سلامتي ڏيندو، پھريائين يھودين کي پوءِ غير قومن کي.


اسان کي مسيح جي پيار کان ڪير جدا ڪري ٿو سگھي؟ توڙي جو اسين مصيبت يا تنگيءَ ۾ ھجون، اسان کي ستايو وڃي يا اسين بک، غريبيءَ ۽ خطري ۾ ھجون يا اسان کي ماريو وڃي.


يعني اسان تي جن کي ھن نہ رڳو يھودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊيو آھي.


تہ پوءِ يھودي ۽ غير يھوديءَ ۾، غلام ۽ آزاد ۾، مرد ۽ عورت ۾ ڪوبہ فرق نہ آھي. ڇالاءِ⁠جو اوھين سڀيئي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيو.


اتي نہ ڪو يوناني آھي نہ يھودي، نہ ڪو طھريل آھي نہ اڻ⁠طھريل، نہ ڪو جھنگلي آھي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آھي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آھي ۽ اوھان سڀني ۾ آھي.


خدا عادل آھي. ھو اوھان جي ڏک ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ ڏک ڏيندو


ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي تہ خدا جي گھراڻي وٽان عدالت شروع ٿئي. سو جيڪڏھن اھا اسان کان ئي شروع ٿئي ٿي تہ پڇاڙيءَ ۾ انھن جو ڇا حال ٿيندو جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ