Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:25 - Common Language New Testament

25 طھر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آھي، پر تڏھن جڏھن تون شريعت تي عمل ڪرين. پر جيڪڏھن تون شريعت تي عمل ئي نہ ٿو ڪرين تہ پوءِ تنھنجو طھر جھڙو ٿيو تھڙو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ختنو ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ نيم جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو ختنو جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 طهر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين شريعت تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ شريعت جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو طهر جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا.


ڇالاءِ⁠جو شريعت جي ٻڌڻ وارا خدا ڏانھن سچار نہ ٿا بڻجن، پر خدا ڏانھن اھي سچار بڻجن ٿا. جيڪي شريعت تي عمل ڪن ٿا.


اي يھودي! تون شريعت تي فخر تہ ڪرين ٿو، پر تون پاڻ شريعت جا حڪم ڀڃي خدا جي بي⁠حرمتي ڇو ٿو ڪرين؟


جيڪڏھن ڪنھن غير قوم واري جو طھر ٿيل نہ آھي، پر ھو شريعت جي حڪمن تي عمل ڪري ٿو، تہ ڇا خدا کيس طھريلن جھڙو ڪري نہ ڀائيندو؟


اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي.


اھو ماڻھو ڪڏھن بہ يھودي نہ آھي، جيڪو رڳو نالي جو يھودي ھجي ۽ نہ ئي اھو طھر آھي، جيڪو رڳو ظاھري ۽ جسماني طھر ھجي.


طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر خدا جي حڪمن تي ھلڻ ئي سڀ ڪجھہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن.


انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ