Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:25 - Common Language New Testament

25-26 جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو ھو، سو ھاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي صحيفن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو ايمان جا تابعدار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنھن خوشخبريءَ بابت آءٌ منادي ٿو ڪريان تنھن ۾ انھيءَ راز جي ظاھر ٿيڻ موجب شل خدا اوھان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25-26 جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25-26 جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:25
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“


انھيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو ھو سو سچو ثابت ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالھائيندس ۽ اُھي ڳالھيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آھن.“


انھن وراڻيو تہ ’ڇالاءِ⁠جو اسان کي پورھئي تي ڪنھن بہ ڪين بيھاريو آھي.‘ تنھن تي ھن چين تہ ’چڱو اوھين بہ وڃي منھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪريو.‘


ھاڻي آءٌ اوھان کي خدا ۽ سندس انھيءَ فضل واري ڪلام جي حوالي ٿو ڪريان، جنھن کي قدرت آھي تہ اوھان کي قائم ڪري ۽ اوھان سان گڏ خدا جي سڀني چونڊيلن کي برڪتون عطا ڪري.


ھو جلد ئي يھودي عبادت⁠خانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ھو خدا جو فرزند آھي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.


تون ڪير ٿيندو آھين جو ڪنھن ٻئي جي نوڪر تي تھمت ٿو ھڻين؟ انھيءَ جي ڪامياب يا ناڪام ھجڻ جي فيصلي جو اختيار سندس مالڪ کي ئي آھي. پر ھو ڪامياب ٿيندو، ڇالاءِ⁠جو خداوند ھن کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو.


اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوھان سڀني تي ھجي. آمين.


انھن ڳالھين جو فيصلو انھيءَ ڏينھن ٿيندو جنھن ڏينھن خدا عيسيٰ مسيح جي معرفت ماڻھن جي دلين جي لڪل ڳالھين جو فيصلو ڪندو ۽ اھو منھنجي انھيءَ خوشخبريءَ مطابق آھي جنھن جي آءٌ تبليغ ٿو ڪريان.


پر اسين مسيح جو پيغام ٿا ڏيون، جنھن کي صليب تي چاڙھيو ويو، جيڪو يھودين جي نظر ۾ ڪراھت جھڙو ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي⁠وقوفي آھي.


بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.


ماڻھن کي گھرجي تہ اسان کي مسيح جا خادم سمجھن، جن کي خدا جا راز سونپيا ويا آھن،


پر جيڪڏھن اسان جي خوشخبريءَ تي پردو پيل آھي تہ اھا خوشخبري انھن جي ئي لاءِ ڍڪيل آھي جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.


ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.


آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.


خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان پنھنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاھر ڪيو، جيڪو ھن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏيو ھو.


ھي سڀ خدا جي انھيءَ ازلي ارادي موجب ٿيو، جيڪو ھن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.


۽ سڀني ماڻھن تي اھا ڳالھہ روشن ڪريان تہ جيڪو راز ازل کان سڀني شين جي خلقيندڙ خدا وٽ ڳجھو رکيل ھو تنھن جو انتظام ڪھڙو آھي.


منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان.


اھو آءٌ ھن ڪري ٿو ڪريان تہ سندن دلين ۾ ھمت پيدا ٿئي ۽ اھي محبت سان پاڻ ۾ ھڪ ٿي رھن ۽ پوري سمجھہ جي ڀرپور دولت حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز، يعني مسيح کان واقف ٿين.


انھيءَ سان گڏ اسان جي لاءِ بہ دعا گھرندا ڪريو تہ خدا اسان لاءِ ڪلام ٻڌائڻ جو دروازو کولي، تہ جيئن اسين مسيح جي انھيءَ راز کي بيان ڪري سگھون جنھن جي ڪري آءٌ قيد ۾ آھيان.


شل ھو اوھان جي دلين کي اھڙو مضبوط ڪري جو جڏھن اسان جو خداوند عيسيٰ پنھنجي سڀني پوئلڳن سان اچي، تڏھن اسان جي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھين پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجو.


ھن اوھان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي انھيءَ لاءِ سڏيو، تہ جيئن اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي عظمت ۾ ڀائيوار ٿيو.


پر خداوند سچو آھي. ھو اوھان کي مضبوط ڪندو ۽ انھيءَ بڇڙي کان بچائيندو.


انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.


عيسيٰ مسيح کي ياد رک، جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ مئلن مان جي اٿيو. اھا ئي منھنجي خوشخبري آھي.


انھيءَ ايمان ۽ سڃاڻپ جو بنياد دائمي زندگيءَ جي اميد تي رکيل آھي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالھائي نہ ٿو سگھي، تنھن ازل کان وٺي اھڙي زندگيءَ جو واعدو ڪيو.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو.


ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


پر انھيءَ وقت جڏھن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو ھوندو تڏھن خدا جو راز پورو ٿيندو، جيڪو ھن پنھنجي ٻانھن يعني نبين تي ظاھر ڪيو ھو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ