Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:13 - Common Language New Testament

13 روفس، جيڪو خداوند جو چونڊيل خادم آھي تنھن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن مون کي پنھنجو پٽ ڪري ڀانئيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي نمسڪار چئجو ۽ سندس ماتا کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 روفس، جيڪو مسيح ۾ اسان جو ڀاءُ آهي تنهن کي سلام ڏجو ۽ سندس ماءُ کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن مون کي پنهنجو پٽ ڪري ٿي ڀانئيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح جيڪي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا.“


رستي تي انھن کي شمعون نالي ھڪڙو ماڻھو مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن اچي رھيو ھو. ھو ڪرين جو رھاڪو ھو ۽ سڪندر ۽ روفس جو پيءُ ھو. انھيءَ کي ھنن زور ڀريو تہ ھو عيسيٰ جو صليب کڻي ھلي.


ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ خدا جي مرضيءَ موجب ھلندو سو منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“


اوھان مون کي ڪين چونڊيو آھي، بلڪ مون اوھان کي چونڊيو آھي ۽ انھيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اھڙو ميوو جھليو جيڪو ھميشہ ھلي. پوءِ اوھين پيءُ کان منھنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو ھو اوھان کي ڏيندو.


وري انھيءَ شاگرد کي چيائين تہ ”ھيءَ تنھنجي ماءُ آھي.“ انھيءَ ئي ڏينھن اھو شاگرد کيس پنھنجي گھر رھائڻ لاءِ وٺي ويو.


تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي.


اسنڪرتس، فلگون، ھرميس، پترباس، ھرماس ۽ ٻين مسيحي ڀائرن ۽ ڀينرن کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جيڪي انھن سان گڏ آھن.


ڇالاءِ⁠جو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بي⁠عيب ھجون.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ⁠جو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.


ھن بزرگ جي طرفان تو خدا جي چونڊيل شريف عورت ۽ تنھنجي ٻارن ڏانھن سلام، جن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان. نہ رڳو آءٌ پر اُھي سڀيئي جيڪي سچ کي سڃاڻن ٿا، سي بہ اوھان سان پيار ڪن ٿا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ