Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:10 - Common Language New Testament

10 اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 اپليس، جو مسيح جو مقبول آهي، تنهن کي سلام ڏجو. ۽ جيڪي ارستبولس جي گهر جا ڀاتي آهن، تن کي سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اپليس کي نمسڪار چئجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن وشواسين کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اپليس کي سلام ڏجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن ايمان وارن کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو بہ اھڙي نموني مسيح جي خدمت ٿو ڪري، سو خدا کي پسند آھي ۽ ماڻھن ۾ بہ مقبول آھي.


پرسڪلا ۽ اڪولا کي منھنجا سلام ڏجو، جن مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي خدمت ڪئي آھي،


منھنجي قوم وارن اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جيڪي مون سان گڏ جيل ۾ ھئا ۽ جيڪي رسولن ۾ مشھور آھن ۽ مون کان اڳي مسيحي ٿيا ھئا.


جيڪڏھن اوھان ۾ خدا جو روح موجود آھي، جنھن عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو، تہ پوءِ جنھن مسيح کي مئلن مان جياريو سو اوھان جي فاني جسمن کي بہ پنھنجي انھيءَ روح جي وسيلي جيئرو ڪندو جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو.


اوھان جي وچ ۾ تفرقا ضرور ھوندا تہ جيئن اھو صاف ظاھر ٿئي تہ اوھان مان ڪير سچا آھن.


آءٌ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل ھڪڙي شخص کي ڄاڻان ٿو، جيڪو چوڏھن سال اڳي اوچتو ٽئين آسمان تي کنيو ويو. مون کي خبر نہ آھي تہ بدن سميت يا بدن کان سواءِ کنيو ويو. اھو خدا ئي ڄاڻي ٿو.


سو مون انھيءَ لاءِ اوھان کي لکيو تہ جيئن اوھان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ منھنجا فرمانبردار آھيو يا نہ.


تنھنڪري جيڪڏھن ڪو مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھي تہ ھو نئون خلقيل آھي. پراڻيون ڳالھيون گذري ويون، ڏسو، ان جي نئين حالت شروع ٿي ويئي.


اسين انھن سان گڏ پنھنجي ھڪڙي ٻئي ڀاءُ کي موڪليون ٿا. ھن کي ڪيترائي ڀيرا اسان گھڻين ڳالھين ۾ آزمائي سرگرم ڏٺو آھي. ھاڻي تہ ھو وڌيڪ سرگرم آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ کيس اوھان تي وڏو ڀروسو آھي.


ان وقت يھوديہ جي علائقن ۾ جيڪي مسيحي ڪليسيائون ھيون، تن منھنجي شڪل بہ نہ ڏٺي ھئي.


پر اوھان کي تيمٿيس جي لائق ھجڻ جي خبر آھي، ڇوتہ جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري تيئن ھن مون سان گڏجي خوشخبري ڦھلائڻ جي خدمت ڪئي آھي.


پھريائين انھن جو آزمودو ورتو وڃي، پوءِ جيڪڏھن سندن خلاف ڪو الزام ثابت نہ ٿئي تہ ڀلي خادم طور ڪم ڪن.


پرسڪلا، اڪولا ۽ اُنيسفرس جي گھر وارن کي سلام ڏج.


انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ