Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:8 - Common Language New Testament

8 ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا جي سچائيءَ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ مسيح يھودين جي خدمت ڪئي تہ جيئن انھيءَ سان ھو خدا جا اھي واعدا پورا ڪري جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا ھئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو آئون چوان ٿو تہ مسيح خدا جي راستبازيءَ خاطر مختونن جو خادم ٿيو آهي، انهي لاءِ تہ جيڪي واعدا ابن ڏاڏن سان ڪيا ويا هئا سي پورا ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو سيواداري انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي وچن ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري ايشور کي سچو ثابت ڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 چوڻ جو مطلب هي آهي تہ مسيح يهودين جو خدمتگار انهيءَ لاءِ بڻيو، تہ جيئن جيڪي واعدا خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا هئا سي پورا ڪري خدا کي سچو ثابت ڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:8
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گھراڻي جي گمراھہ ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آھيان.“


ساڳيءَ طرح ابن⁠آدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر انھيءَ لاءِ تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ پنھنجي جان گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي.“


ھو پنھنجن وٽ آيو، مگر پنھنجن کيس قبول نہ ڪيو.


منھنجون ٻيون بہ رڍون آھن جيڪي ھن واڙي جون نہ آھن. انھن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آھي. اھي منھنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ ھڪڙو ئي ڌڻ ۽ ھڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.


ڏسو، خدا ڪيڏو نہ مھربان ۽ سخت آھي. ھو انھن تي سخت آھي جيڪي گمراھہ ٿيا. پر اوھان تي ايستائين مھربان آھي جيستائين اوھين سندس مھربانيءَ تي قائم رھندا. پر جيڪڏھن اوھين قائم نہ رھندا تہ اوھين بہ ڀڳل ٽارين وانگر ٿيندا.


اھو انھيءَ ڪري جو جھڙيءَ طرح اوھين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا ھئا، پر ھاڻي يھودين جي نافرمانيءَ سبب اوھان تي خدا جي رحمت ٿي.


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاھنن وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان ٿو، انھيءَ لاءِ تہ غير قومون، جن کي پاڪ روح پاڪ ڪيو آھي سي خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.


پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟


تنھنڪري اھو واعدو ايمان جي بنياد تي ۽ خدا جي فضل جي نتيجي ۾ ٿيو، تہ جيئن اھو ابراھيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رھي. نہ رڳو انھن لاءِ جن وٽ شريعت آھي، پر انھن لاءِ بہ جيڪي ابراھيم وانگر ايمان آڻين ٿا، ڇالاءِ⁠جو ابراھيم اسان سڀني جو پيءُ آھي.


منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ اوھان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آھيان،“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آھيان“ ۽ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آھيان.“


منھنجي چوڻ جو مقصد ھي ناھي تہ جيڪو کاڌو بتن تي قربان ڪجي ٿو سو ڪا شيءِ آھي يا بت پاڻ ڪا شيءِ آھي.


ضمير مان منھنجو مطلب اوھان جو ضمير نہ آھي، پر انھيءَ ٻئي ماڻھوءَ جو. ڀلا، منھنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو ٿي پرکي وڃي؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ خاڪي جسم وارو خدا جي بادشاھت جو وارث نہ ٿي سگھندو ۽ نہ ئي فاني، غير فانيءَ جو وارث بڻجي سگھي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو خدا جا جيترا بہ واعدا آھن، سي سڀ مسيح جي ڪري ”ھائو“ سان آھن. انھيءَ ڪري ان جي وسيلي اسان کان ”آمين“ بہ ٿي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي.


انھيءَ وقت اوھين مسيح کان ڌار ۽ بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاھر ھئا. اوھين خدا جي واعدي ڪيل عھدن کان اڻ⁠واقف، دنيا ۾ نااميد ۽ خدا کان جدا زندگي گذاريندا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ