Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:7 - Common Language New Testament

7 سو جيئن مسيح اوھان کي قبول ڪيو تيئن اوھين بہ ھڪ ٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ڪئي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن ايشور جي مهما ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تنهنڪري جيئن مسيح اوهان کي قبول ڪيو آهي تيئن اوهين بہ هڪٻئي کي قبول ڪريو، تہ جيئن خدا جي واکاڻ ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.


”جيڪو منھنجي ڪري ھنن ٻارن مان ڪنھن بہ ھڪڙي کي قبول ٿو ڪري، تنھن ڄڻ مون کي قبول ڪيو ۽ جنھن مون کي قبول ڪيو، تنھن نہ رڳو مون کي پر ان کي بہ قبول ڪيو جنھن مون کي موڪليو آھي.“


تنھن تي فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سس⁠پس ڪرڻ لڳا تہ ”ھي يار تہ گنھگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ کين پاڻ سان گڏ ٿو کارائي!“


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو ھن ننڍي ٻار کي منھنجي ڪري قبول ڪندو، سو ڄڻ تہ مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو ڄڻ انھيءَ کي قبول ٿو ڪري جنھن مون کي موڪليو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان سڀني ۾ ننڍو آھي سو ئي وڏو ٿيندو.“


آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنھن کي آءٌ ڪڏھن بہ نہ موٽائيندس.


۽ غير قومون بہ خدا جي رحم ڪري سندس واکاڻ ڪن. جيئن لکيل آھي تہ ”تنھنڪري آءٌ غير قومن ۾ تنھنجي تعريف ڪندس ۽ تنھنجي نالي جا گيت ڳائيندس.“


مسيح اسان کي ايمان جي وسيلي خدا جي فضل تائين پھچايو آھي، جنھن تي اسين ثابت قدم آھيون. سو اچو تہ اسين انھيءَ اميد تي خوشي ڪريون تہ خدا جو جلوو ماڻينداسين.


خدا جي مرضي ھئي تہ اسان، جن اڳواٽ ئي مسيح ۾ اميد رکي ھئي، سي سندس جلال جي تعريف جو سبب ٿيون.


آءٌ ھيءَ بہ دعا گھرندو آھيان تہ اوھان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ ھن ڪھڙي اميد رکڻ لاءِ اوھان کي سڏيو آھي. سندس جلال ڀري ميراث، جيڪا ھن پنھنجي قوم لاءِ رکي آھي سا ڪيڏي نہ وڏي دولت آھي،


جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو ڪنھن ڏانھن رنج ھجي تہ ھڪ ٻئي جي برداشت ڪريو ۽ ھڪ ٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوھان کي معاف ڪيو آھي تيئن اوھين بہ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ