Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:30 - Common Language New Testament

30 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل ⁠وَ جان سان خدا کان منھنجي لاءِ دعا گھرو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 هاڻي اي ڀائرو، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خاطر، ۽ روح جي محبت جي خاطر، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي مون لاءِ دليون جانيون خدا کان دعا گهُرندا رهو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! يسوع مسيح جيڪو اسان جو پرڀو آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پوِتر آتما جو پريم ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي تن ۽ من سان ايشور کي منهنجي لاءِ پرارٿنا ڪريو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! عيسيٰ مسيح جيڪو اسان جو خداوند آهي، تنهن جو واسطو ڏيئي ۽ پاڪ روح جي محبت ياد ڏياري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون سان گڏجي دل وَ جان سان خدا کان منهنجي لاءِ دعا گھرو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏھن اوھين بہ پنھنجين دعائن جي وسيلي اسان جي مدد ڪندا، تہ پوءِ گھڻن ماڻھن جي دعائن سان جيڪا نعمت ملي آھي انھيءَ لاءِ اسان جي پاران گھڻا ماڻھو شڪرانو بجاءِ آڻيندا.


سو آءٌ مسيح جي خاطر ڪمزورين ۾، بي⁠عزتين ۾، گھُرجن ۾، مشڪلاتن ۾ ۽ ستائجڻ ۾ خوش ٿو رھان. ڇالاءِ⁠جو جڏھن آءٌ ڪمزور ھوندو آھيان تڏھن آءٌ طاقتور ھوندو آھيان.


ڇالاءِ⁠جو اسين ھميشہ عيسيٰ جي خاطر جيئري ئي موت جي حوالي ڪيا ٿا وڃون، تہ جيئن عيسيٰ جي زندگي بہ اسان جي فاني جسم ۾ ظاھر ٿئي.


ڏسو، اسين پنھنجي نہ پر عيسيٰ مسيح جي تبليغ ڪريون ٿا تہ ھو خداوند آھي. پنھنجي لاءِ ھيئن ٿا چئون تہ عيسيٰ جي خاطر اسين اوھان جا خادم آھيون.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


منھنجي لاءِ بہ دعا ڪريو تہ ڳالھائڻ وقت مون کي ڪلام ٻڌائڻ جي توفيق ملي، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاھر ڪريان.


جيڪڏھن اوھان کي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري ڪا دلداري ملي آھي ۽ سندس محبت مان ڪا تسلي ٿي آھي ۽ پاڪ روح جي ڪا صحبت ۽ ڪا رحمدلي ۽ ھمدردي ملي اٿوَ،


ھن اسان کي اوھان جي انھيءَ محبت بابت بہ ٻڌايو، جيڪا پاڪ روح کان اوھان کي ملي آھي.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي خبر پوي تہ اوھان لاءِ، لوديڪيا ۾ رھندڙن لاءِ ۽ انھن سڀني لاءِ جن ذاتي طور منھنجو منھن نہ ڏٺو آھي، آءٌ ڪيتري قدر سخت محنت ٿو ڪريان.


اِپفراس جيڪو اوھان مان ھڪڙو آھي ۽ عيسيٰ مسيح جو غلام آھي، سو اوھان کي سلام ٿو چوي. ھو اوھان جي لاءِ ھميشہ گرم⁠جوشيءَ سان دعا ٿو گھري، تہ جيئن اوھين ڪامل ٿي، پوري يقين سان ھرھڪ ڳالھہ ۾ خدا جي مرضيءَ تي قائم رھو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو.


مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي لاءِ دعا گھرو تہ خداوند جو پيغام جلد ڦھلجي ۽ عزت سان قبول ڪيو وڃي، جيئن اوھان منجھہ آھي.


خدا ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جي عدالت ڪندو، حاضر ناظر ڄاڻي ۽ سندس ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھت ڪرڻ جي ڪري آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ