Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:3 - Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ پنھنجي مرضيءَ تي نہ ھليو، پر جيئن لکيل آھي تہ ”جن تو کي طعنا ھنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ تہ مسيح بہ پاڻ کي خوش نہ ڪيو، پر لکيل آهي تہ ”جن توکي طعنا هنيا، تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ وارو جيون نہ گذاريو، جيئن پوِتر شاستر ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ڏسو، مسيح بہ پنهنجي مرضيءَ واري زندگي نہ گذاري، جيئن پاڪ ڪلام ۾ هن بابت بيان ڪيو ويو آهي تہ ”جن تو کي طعنا هنيا تن جا طعنا مون تي اچي پيا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شاگرد لاءِ اھو سٺو آھي تہ ھو پنھنجي استاد سان ھر حال ۾ شامل رھي ۽ غلام لاءِ تہ پنھنجي مالڪ سان. جيڪڏھن گھر جي مالڪ کي ئي بعل⁠زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


عيسيٰ ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منھن ڀر ڪيرائي دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ٿي سگھي تہ ھي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنھن ھوندي بہ منھنجي نہ پر تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“


جيڪي ڌاڙيل ھن سان گڏ صليب تي چاڙھيا ويا اھي بہ ساڳيءَ طرح کيس طعنا ھڻن پيا.


جيڪڏھن اوھين منھنجي حڪمن تي عمل ڪندا تہ اوھين منھنجي پيار ۾ رھندا، جھڙيءَ طرح مون پنھنجي پيءُ جي حڪمن تي عمل ڪيو آھي ۽ سندس پيار ۾ رھان ٿو.


جيڪي ڪم ٻئي ڪنھن بہ نہ ڪيا آھن، سي جيڪڏھن آءٌ انھن ۾ نہ ڪريان ھا تہ پوءِ اھي ڏوھاري نہ ٿين ھا. پر ھاڻي تہ انھن منھنجا ڪم ڏٺا آھن، تنھن ھوندي بہ مون کان ۽ منھنجي پيءُ کان نفرت ڪئي اٿن.


عيسيٰ کين چيو تہ ”منھنجو کاڌو اھو آھي تہ انھيءَ جي مرضي پوري ڪريان جنھن مون کي موڪليو آھي ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


”آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي انصاف ڪريان ٿو. تنھنڪري منھنجو انصاف صحيح آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ آءٌ پنھنجي مرضيءَ موجب نہ، پر جنھن مون کي موڪليو آھي تنھن جي مرضي موجب ڪم ڪريان ٿو.


ڇالاءِ⁠جو آءٌ آسمان مان انھيءَ لاءِ نہ لھي آيو آھيان تہ پنھنجي مرضي ھلايان، بلڪ انھيءَ لاءِ تہ پنھنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان.


جنھن مون کي موڪليو آھي سو مون سان آھي. ھن مون کي اڪيلو نہ ڇڏيو آھي، ڇالاءِ⁠جو آءٌ ھميشہ اھي ڪم ڪريان ٿو جيڪي کيس پسند آھن.“


ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.


اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.


انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪري ھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو، ۽ ايستائين فرمانبردار رھيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ