Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:25 - Common Language New Testament

25 پر في⁠الحال آءٌ ايمان وارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 پر في الحال آئون پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ٿو وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سيوا ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 پر هينئر تہ آءٌ يروشلم وارن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ خدمت ڪرڻ لاءِ اوڏانهن وڃي رهيو آهيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:25
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.


ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“


پولس فيصلو ڪيو ھو تہ ھو اِفسس جي ٻاھران ٻاھران ھليو وڃي، تہ جيئن ايشيا پرڳڻي ۾ گھڻو وقت نہ لڳيس. ايتري تڪڙ رڳو انھيءَ لاءِ ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگھي تہ پنتيڪُست جو ڏينھن وڃي يروشلم ۾ ملھائي.


ھاڻي پاڪ روح جي حڪم موجب آءٌ يروشلم ڏانھن وڃي رھيو آھيان، خبر نہ آھي تہ اتي مون سان ڇا ٿيندو.


آءٌ گھڻن سالن کان پوءِ يروشلم ۾ ويس تہ وڃي پنھنجي قوم ۾ ڪجھہ خيرات ڪريان ۽ خدا آڏو قرباني پيش ڪريان.


حنانياہ چيو تہ ”خداوند! ڪيترن ئي ماڻھن مون کي انھيءَ شخص بابت ٻڌايو آھي تہ ھن تنھنجي ماڻھن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آھن.


ايمان وارن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مھمان⁠نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


پر جيڪڏھن منھنجو وڃڻ بہ مناسب ٿي پيو تہ اھي مون سان گڏجي ھلندا.


ھنن اسان کي ڏاڍي منٿ ۽ زاريءَ سان عرض ڪيو تہ کين ھي موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھو يھوديہ جي ايمان وارن لاءِ خدمت ۾ شريڪ ٿي سگھن.


تنھنڪري اسان طيطس کي ھدايت ڪئي تہ جيئن ھن پھريائين اھو سخا جو ڪم شروع ڪيو ھو، تيئن اوھان ۾ پورو بہ ڪري.


ھنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انھيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم ھوس.


ڇالاءِ⁠جو خدا بي⁠انصاف ناھي. ھو اوھان جي محنت ۽ انھيءَ محبت کي نہ وساريندو، جيڪا اوھان سندس نالي تي اھڙيءَ طرح ڏيکاري جو ايمان وارن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين ڪندا ٿا رھو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ