Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:2 - Common Language New Testament

2 اسان مان ھر ھڪ کي پنھنجي پاڙيسريءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن ھن جي ايمان ۾ بہ واڌارو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اسان مان هر ڪنهن کي گهرجي تہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي سندس ڀلائيءَ لاءِ اهڙو خوش ڪريون جو هن جو سڌارو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌وشواسيءَ جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي وشواس ۾ بہ واڌارو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌ايمان جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي ايمان ۾ بہ واڌارو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اچو تہ اسين اھڙا ڪم ڪريون، جن مان صلح پيدا ٿئي ۽ ھڪ ٻئي کي سڌاري سگھون.


ڪن ماڻھن جي چوڻ مطابق ”سڀ شيون جائز آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي فائدي واريون نہ آھن. ”سڀ شيون جائز تہ آھن،“ ٺيڪ آھي، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين.


ھر ڪو ماڻھو پنھنجو ئي ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.


اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.


محبت بدتميزي يا بي⁠ادبي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ محبت بدگماني نہ ٿي ڪري.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌائي ٿو سو ماڻھن سان سندن سڌاري، نصيحت ۽ دلاسي جون ڳالھيون ٿو ڪري.


اوھين اڃا تائين شايد ائين سمجھندا ھوندا تہ اسين اوھان جي اڳيان پنھنجو بچاءُ ڪري رھيا آھيون. پر اسين خدا کي حاضرناظر ڄاڻي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ڪري ڳالھايون ٿا. اي عزيزو! ھي سڀ ڪجھہ اوھان جي سڌاري لاءِ آھي.


جڏھن اسين ڪمزور آھيون ۽ اوھين زورآوار آھيو تڏھن اسين خوش ٿا ٿيون. اسين اھا بہ دعا ٿا گھرون تہ اوھان ۾ مڪمل سڌارو اچي.


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.


اوھان جي وات مان ڪابہ گندي ڳالھہ نہ نڪري. پر اھڙي ڳالھہ نڪري جيڪا ضرورت مطابق ٻين جي سڌاري جو سبب بڻجي تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انھيءَ مان برڪت حاصل ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ