Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 13:8 - Common Language New Testament

8 سواءِ ھڪ ٻئي جي پيار جي ڪنھن جا بہ قرضدار نہ ٿيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، سو شريعت جا حڪم پورا ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 پاڻ ۾ محبت کانسواءِ ڪنهن شيءِ جا بہ قرضدار نہ ٿيو: ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت ٿو ڪري تنهن شريعت پوري ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري نيم تي عمل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 هڪٻئي جي پيار کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن جا قرضدار نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ٻين سان پيار ڪري ٿو، تنهن پوري شريعت تي عمل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 13:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“


آءٌ اوھان کي ھڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو. جيئن مون اوھان سان پيار ڪيو آھي، تيئن اوھان کي بہ ھڪٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.


جيڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان پيار ڪري ٿو سو ان سان بڇڙائي نہ ٿو ڪري. تنھنڪري پيار ڪرڻ ئي پوري شريعت تي عمل ڪرڻ آھي.


سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.


ڇالاءِ⁠جو سڄي شريعت ھن ھڪڙيءَ ئي ڳالھہ ۾ پوري ٿئي ٿي تہ ”تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“


انھن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌو، جيڪا انھن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.


انھيءَ حڪم جو مقصد اھا محبت پيدا ڪرڻ آھي، جيڪا صاف⁠دليءَ، نيڪ⁠نيتيءَ ۽ سچي ايمان کان پيدا ٿئي ٿي.


تنھن ھوندي بہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏھن اوھين اھا شاھي شريعت پوري ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ