Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 13:11 - Common Language New Testament

11 اوھين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي، جنھن ۾ اوھان کي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ جنھن وقت اسان ايمان آندو ھو تنھن وقت جي نسبت ھاڻي اسان جو ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهي لاءِ تہ هينئر ئي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن ۾ اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو: ڇوتہ جنهن وقت اسان ايمان آندو هو، تنهن وقت جي نسبت ۾ هينئر اسان جي نجات زيادہ ويجهي آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان پرڀو يسوع تي وشواس آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جي مڪمل مڪتي وڌيڪ ويجھو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اوهين وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهيءَ ڪري جو اها گھڙي اچي پهتي آهي جو اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن وقت اسان خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو هو تنهن وقت جي نسبت هاڻي اسان جو مڪمل ڇوٽڪارو وڌيڪ ويجھو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 13:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏھن صبح جو آسمان ڳاڙھو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينھن پوندو.‘ اوھان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر زماني جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ.


جڏھن اھي ڳالھيون ٿيڻ لڳن تہ اٿجو ۽ ڪنڌ مٿي ڪجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھان جو ڇوٽڪارو اوھان جي ويجھو ھوندو.“


ساڻن ھي واقعا انھيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن اھي عبرت کائين ۽ اسين، جيڪي آخرين زماني ۾ آھيون، تن جي نصيحت لاءِ اھي ڳالھيون لکيون ويون آھن.


نيڪيءَ جي خاطر جاڳي پئو ۽ گناھہ نہ ڪريو، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪي خدا کي نہ ٿا ڄاڻن. تنھنڪري ئي آءٌ چوان ٿو تہ اھا اوھان لاءِ شرم جي ڳالھہ آھي.


ڇالاءِ⁠جو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“


اوھين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت⁠قدم رھو، ڇالاءِ⁠جو خداوند جو اچڻ ويجھو آھي.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


جڏھن تہ ھي سڀ شيون اھڙيءَ طرح ڳري وڃڻيون آھن، تڏھن اوھان کي ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿيڻ گھرجي؟ اوھان کي گھرجي تہ اوھين پاڪ ۽ ديندار زندگي گذاريو.


خداوند پنھنجي واعدي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آھي، جھڙي دير ڪي ماڻھو سمجھن ٿا. پر ھو اوھان جي باري ۾ صبر ڪري ٿو، انھيءَ ڪري جو ھو نہ ٿو چاھي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ ھو چاھي ٿو تہ سڀيئي توبھہ ڪن.


پيارا ٻارؤ! ھي آخري وقت آھي. جيئن تہ اوھان ٻڌو آھي تہ مسيح جو ھڪ دشمن اچڻ وارو آھي، تيئن ئي ھاڻي مسيح جا ڪيترا ئي دشمن ظاھر ٿي چڪا آھن، جنھن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ئي آخري وقت آھي.


سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.


پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.


جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.


جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ