Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:7 - Common Language New Testament

7 جيڪڏھن ڪنھن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آھي تہ ھو خدمت ڪندو رھي. جيڪڏھن اھا نعمت تعليم ڏيڻ جي ھجي تہ ھو تعليم ڏيندو رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 يا جي خدمت ملي هجي تہ پنهنجي خدمت ۾ پاڻ کي مشغول رکون؛ يا جيڪو تعليم ڏيڻ وارو هجي سو تعليم ڏيڻ ۾ لڳو رهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪنهن کي سيوا ڪرڻ جو وردان مليو آهي تہ هو سيوا ڪندو رهي. جيڪڏهن اهو وردان سکيا ڏيڻ جو هجي تہ هو سکيا ڏيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيڪڏهن ڪنهن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو خدمت ڪندو رهي. جيڪڏهن اها نعمت تعليم ڏيڻ جي هجي تہ هو تعليم ڏيندو رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:7
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن ڪري اوھين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انھن کي منھنجا شاگرد ڪريو. انھن کي پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح جي نالي تي بپتسما ڏيو،


ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“


انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.


اوھان کي سڌ آھي تہ مون اوھان جي فائدي جي ڪابہ ڳالھہ اوھان کان ڳجھي نہ رکي آھي. مون اوھان کي کُلي⁠عام ۽ گھر گھر ۾ تعليم ڏني آھي.


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رنن⁠زالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي.


خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آھن، پھريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان استاد، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت ھلائيندڙ ۽ قسمين قسمين ٻوليون ڳالھائيندڙ.


خدمتون جدا جدا قسمن جون آھن، پر خداوند تہ ھڪڙو ئي آھي.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ڇا ڪجي؟ جڏھن اوھين گڏ ٿيو تڏھن ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو خدا جو ظاھر ڪيل پيغام ٻڌائي، ڪو عجيب ٻولي ڳالھائي ۽ ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر سڀ ڳالھيون ڪليسيا جي سڌاري لاءِ ھجڻ گھرجن.


جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.


ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.


ان کان سواءِ ارخپس کي چئجو تہ جيڪو ڪم خداوند جي خدمت لاءِ تو کي مليو آھي، تنھن کي ضرور پورو ڪجانءِ.


انھيءَ مقصد لاءِ ئي آءٌ تبليغ ڪندڙ، رسول ۽ غير قومن کي ايمان ۽ سچائيءَ جي تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيس. آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان.


تنھنڪري نگھبان کي گھرجي تہ مٿس ڪو الزام نہ ھجي. ھو ھڪڙيءَ زال جو مڙس ھجڻ سان گڏ پرھيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مھمان⁠نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


جيڪي بزرگ ڪليسيا جو انتظام چڱيءَ طرح ٿا ھلائين، خاص ڪري اھي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھڻ گھرجن.


جيڪي ڳالھيون تو گھڻن شاھدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آھن، سي اھڙن ڀروسي وارن ماڻھن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق ھجن.


خداوند جي ٻانھي کي جھيڙو ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. ان جي بدران کيس گھرجي تہ سڀني سان نرميءَ سان پيش اچي، تعليم ڏيڻ جي لائق ھجي ۽ بردبار ھجي.


ڪلام جي تبليغ ڪر ۽ وقت بي⁠وقت انھيءَ جي لاءِ تيار رھہ. پوري صبر ۽ سکيا سان ماڻھن کي سمجھاءِ، ملامت ڪر ۽ کين نصيحت ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ