Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:5 - Common Language New Testament

5 تھڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا ئي آھيون، پر مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ھڪ جسم ٿيا آھيون ۽ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا عضوا آھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تيئن اسين بہ، جي گهڻا آهيون، سي مسيح ۾ هڪڙو ئي بدن آهيون، ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.


جھڙيءَ طرح جسم ۾ گھڻا ئي عضوا آھن ۽ ھر ھڪ عضوي جو پنھنجو پنھنجو ڪم آھي،


جيئن تہ ماني ھڪڙي آھي، تيئن جيتوڻيڪ، اسين گھڻا آھيون تہ بہ ھڪڙو بدن آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين سڀيئي انھيءَ ھڪڙيءَ مانيءَ ۾ شريڪ ٿا ٿيون.


اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.


دراصل عضوا گھڻا آھن پر بدن ھڪڙو ئي آھي.


ڇا پوءِ بہ اوھين نہ ٿا سمجھو تہ اوھان جا بدن مسيح جا عضوا آھن؟ تڏھن ڇا ڀلا آءٌ مسيح جي عضون کي ڪنھن ڪڃريءَ جي بدن جا عضوا بڻجڻ ڏيان؟ نہ، ھرگز نہ.


اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.


تنھنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوھان مان ھر ڪو پنھنجي پاڙيسريءَ سان سچ ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ اسين سڀ ھڪ ئي بدن جا عضوا آھيون.


ڇالاءِ⁠جو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي.


ڇالاءِ⁠جو اسين سندس بدن جا عضوا آھيون.


ھاڻي آءٌ انھن ڏکن جي ڪري خوش آھيان، جيڪي اوھان جي خاطر پيو سھان. اھڙيءَ طرح آءٌ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنھنجي جسم ۾ پوري پيو ڪريان.


اھو ماڻھو بدن جي سر يعني مسيح سان لاڳاپو نہ ٿو رکي، جنھن سان سارو بدن، سنڌن ۽ ٻنڌن جي وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍجي ٿو ۽ پرورش پائي خدا جي مرضيءَ سان وڌندو ٿو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ