Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:3 - Common Language New Testament

3 آءٌ انھيءَ فضل جي ڪري جو مون کي مليو آھي، اوھان مان ھر ھڪ کي چوان ٿو تہ پنھنجو پاڻ کي وت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ حليمائيءَ سان پاڻ کي اوترو وڌيڪ سمجھو جيترو خدا اوھان کي ايمان بخشيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو آئون انهي فضل جي وسيلي جو مون کي مليو آهي، اوهان مان هرهڪ کي چوان ٿو، تہ جهڙو سمجهڻ گهرجي، تنهن کان وڌيڪ ڪير بہ پاڻ کي نہ سمجهي؛ پر جيئن خدا هر ڪنهن کي اندازي جي موافق ايمان تقسيم ڪيو آهي، انهي موجب پاڻ کي اوترو ئي سمجهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ انهيءَ فضل جي ڪري جيڪو مون کي عطا ڪيو ويو آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو خدا اوهان کي ايمان بخشيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:3
47 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.


جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو.


انھيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اھو ڪرم ڪيو جو آءٌ مسيح جي خاطر رسول مقرر ٿيس، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ سڀني قومن جي ماڻھن کي ھي پيغام ڏيان تہ ھو ايمان آڻين ۽ فرمانبردار ٿين.


ھائو، اھو صحيح آھي. پر اھي انھيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان نہ آندو ۽ اوھين انھيءَ جاءِ تي بيٺا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھان ايمان آندو آھي. سو اوھان کي انھيءَ تي فخر نہ، بلڪ خوف ڪرڻ گھرجي.


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.


پاڻ ۾ ايڪو ڪريو. اوھين مغرور نہ ٿيو، بلڪ غريبن سان دوستي رکو. پنھنجو پاڻ کي داناءُ نہ سمجھو.


پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي.


خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.


پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.


مگر اسين حد کان وڌيڪ فخر نہ ڪنداسين، پر خدمت جي باري ۾ اسان جو فخر انھيءَ حد جي اندر ھوندو جيڪا خدا اسان لاءِ مقرر ڪئي آھي ۽ اوھين بہ ان ۾ شامل آھيو.


ڪھڙيءَ ڳالھہ ۾ اوھان ٻين ڪليسيائن کان گھٽ ٿيا، سواءِ ھن جي تہ آءٌ اوھان تي بار نہ ٿيس؟ جي اھا غلطي سمجھو ٿا تہ مون کي معافي ڏجو.


مڪاشفن جي نھايت گھڻائيءَ ڪري متان آءٌ ڦونڊجي وڃان، تنھنڪري منھنجي بدن ۾ ھڪ ڪنڊو ھنيو ويو، يعني شيطان جو قاصد، جيڪو مون کي تنگ ڪري تہ جيئن آءٌ ڦونڊجي نہ وڃان.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھي ٿو، پر ھو ڪجھہ بہ نہ آھي تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو.


اوھان ٻڌو ھوندو تہ خدا اوھان لاءِ پنھنجي فضل جو خاص ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي.


جنھن کي پڙھي اوھين ڄاڻي سگھو ٿا تہ آءٌ مسيح جو اھو راز ڪيتري قدر سمجھان ٿو.


اتان ئي سارو بدن، سنڌ سنڌ جي ڳنڍجڻ سان جڙي ٿو. سو جيڪڏھن ھر ھڪ عضوو صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ٿو تہ سارو بدن وڌي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رھي ٿو.


جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.


انھيءَ مقصد لاءِ آءٌ سندس انھيءَ طاقت موجب جانفشانيءَ سان محنت ٿو ڪريان، جيڪا مون ۾ زور سان اثر ڪري ٿي.


جڏھن اوھين پنھنجي گناھن جي ڪري ۽ پنھنجي گناھن سان ڀريل فطرت جي اڻ⁠طھريل ھجڻ ڪري مئل ھئا، تڏھن خدا اوھان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. ھن اسان جا سڀيئي گناھہ بخشي ڇڏيا،


انھيءَ ايمان ۽ پيار سان گڏ جيڪو عيسيٰ مسيح جي طرفان آھي، اسان جي خداوند جو فضل مون تي نھايت ئي گھڻو ٿيو.


تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.


ساڳيءَ طرح عورتن کي گھرجي تہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي، لڄ ۽ پرھيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پھرڻ سان.


اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


پوڙھن مردن کي سمجھاءِ تہ اھي پرھيزگار، مانائتا ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين ۽ ايمان، محبت ۽ صبر تي قائم رھن.


انھيءَ ڪري جو اھي جوان عورتن کي تربيت ڏين تہ پنھنجن مڙسن ۽ ٻارن سان پيار ڪن،


ساڳي ئي طرح جوان مردن کي نصيحت ڪر تہ اھي پاڻ تي ضابطو رکندڙ ٿين.


پر خدا اسان کي وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انھيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


تنھنڪري سمجھہ جو سندرو ٻڌي ھوشيار ٿيو ۽ جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت اوھان تي ٿيندو، تنھن جي پوريءَ طرح اميد رکو.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


مون ڪليسيا ڏانھن ڪي ڪجھہ لکيو آھي. پر دياترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو اسان کي قبول نہ ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ