Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:19 - Common Language New Testament

19 اي منھنجا پيارا دوستو! پاڻ ڪڏھن بہ بدلو نہ وٺو، پر اھو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو. ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکتن ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي ۽ آءٌ ئي سزا ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 اي منهنجا پريميؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو ايشور جي ڏمر تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ پرميشور فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:19
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.


جيڪي اوھان کي ستائين ٿا تن کي دعا ڪريو. ھائو، کين دعا ڪريو پر پٽ پاراتو نہ ڏيو.


جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري تنھن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اھڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنھن کي سڀ چڱو چون.


ڇالاءِ⁠جو ھو تنھنجي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آھي. پر جيڪڏھن تون بڇڙا ڪم ڪرين ٿو تہ ھن کان ڊڄ، ڇالاءِ⁠جو ھو بنا سبب تلوار نہ ٿو کڻي. ھو خدا جو خادم آھي ۽ سندس غضب موجب بدڪار کي سزا ٿو ڏئي.


شيطان کي ڪوبہ موقعو نہ ڏيو.


سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.


سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي. خداوند ھن کي پنھنجو ڪيتو لوڙائيندو.


ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي، آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ