Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:10 - Common Language New Testament

10 ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوھان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوھان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاھي تہ اھو اوھان جو نوڪر ٿئي،


پر جڏھن بہ تو کي اھڙي دعوت ملي تہ سڀ کان ھيٺاھينءَ جاءِ تي وڃي ويھہ، تہ جيئن ميزبان جنھن تو کي دعوت ڏني آھي اھو اچي پاڻ چويئي تہ ’ادا، مٿي اچي ويھہ،‘ تہ انھن جي اڳيان تنھنجي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ ويٺو ھئين.


آءٌ اوھان کي اھو حڪم ٿو ڏيان تہ ھڪٻئي سان پيار ڪريو.“


انھيءَ لاءِ تہ اھي سڀ گڏجي ھڪ ٿين. اي بابا! شل اھي اسان ۾ اھڙيءَ طرح گڏجي ھڪ ٿين جھڙيءَ طرح تون مون ۾ آھين ۽ آءٌ تو ۾ آھيان، تہ جيئن دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آھي.


ايمان وارن جي سڄي ٽولي دل ⁠وَ جان سان گڏ ھئي ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”ھيءَ شيءِ منھنجي آھي،“ پر ھو سڀني شين ۾ ھڪجھڙا ڀائيوار ھئا.


سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آھيو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي جسماني خواھشن جي پورائي لاءِ ڪم نہ آڻيو، بلڪ محبت جي رستي ھڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


پر پاڪ روح جو ڦل آھي پيار، خوشي، اطمينان، صبر، مھرباني، نيڪي، ايمانداري،


ڇالاءِ⁠جو جڏھن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھيون، تڏھن طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪنھن ڪم جو نہ آھي. پر رڳو ايمان ئي ڪم جو آھي، جيڪو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.


ڇالاءِ⁠جو اسان ٻڌو آھي تہ اوھان عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو آھي ۽ خدا جي سڄي قوم سان محبت ٿا رکو.


ھاڻي ڀائرن واري محبت بابت اوھان ڏانھن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانھي، ڇالاءِ⁠جو ھڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ جي تعليم اوھان پاڻ خدا کان حاصل ڪئي آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


ھڪ ٻئي کي ھڪ ڪٽنب جا سمجھي محبت ڪندا رھو.


ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو.


سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھم⁠ايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.


ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


اوھين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.


اي عزيزو! جڏھن خدا ئي اسان سان اھڙو پيار ڪيو، تہ پوءِ اسان کي بہ گھرجي تہ ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر ھو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري جنھن کي ھن ڏٺو آھي، سو خدا سان پيار ڪين ڪري سگھندو، جنھن کي ھن ڏٺو ئي ڪينھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ