Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:15 - Common Language New Testament

15 پر جيڪڏھن انھن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري دنيا جو خدا سان ميلاپ ٿئي ٿو تہ پوءِ انھن کي خدا جي وري قبول ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ اھو مئلن لاءِ زندگيءَ جي برابر ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان ايشور جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ ايشور جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيوت ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جڏهن انهن کي ڪڍي ڇڏڻ ڪري غير قومن سان خدا جي ميل ميلاپ جو موقعو پيدا ٿيو، تہ پوءِ خدا جو انهن کي وري قبول ڪرڻ مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي برابر نہ ٿيندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.


پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“


جنھن جو ايمان ڪمزور آھي تنھن جو آڌرڀاءُ ڪريو، پر انھيءَ سان اجايو بحث نہ ڪريو.


جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي.


انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.


ساڍن ٽن ڏينھن کان پوءِ خدا انھن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اُھي اٿي کڙا ٿيا ۽ کين ڏسڻ وارن کي ڏاڍو خوف ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ