Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:1 - Common Language New Testament

1 تڏھن آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنھنجيءَ قوم کي رد ڪيو؟ نہ، بلڪل نہ. آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آھيان ۽ ابراھيم جي اولاد بنيامين جي قبيلي مان آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تڏهن آئون چوان ٿو تہ خدا پنهنجي اُمت کي رد ڪيو ڇا؟ اصل ئي نہ! ڇالاءِ جو آئون بہ اسرائيلي آهيان، ۽ ابراهيم جي نسل، ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا ايشور پنهنجي قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابرهام جي پيڙهيءَ ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهنڪري آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا خدا پنهنجيءَ قوم کي رد ڪري ڇڏيو آهي؟ نہ، هرگز نہ. ڏسو، آءٌ پاڻ بہ تہ بني اسرائيل مان آهيان. هائو، آءٌ بہ ابراهيم جي نسل ۽ بنيامين جي قبيلي مان آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو پاڻ اچي باغائين کي تباھہ ڪندو ۽ باغ ٻين کي ڏيندو.“ جڏھن ھنن اھو ٻڌو تڏھن چوڻ لڳا تہ ”خدا خير ڪري.“


”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گملي⁠ايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.


سڀيئي يھودي ڄاڻين ٿا تہ ننڍپڻ کان وٺي مون پنھنجي حياتي پنھنجي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيئن گذاري آھي.


پوءِ آءٌ پڇان ٿو تہ جڏھن يھودين ٿاٻو کاڌو تہ ڇا اھي برباد ٿي ويا؟ نہ، بلڪل نہ. پر انھن جي ڏوھہ ڪرڻ ڪري غير قومن کي ڇوٽڪارو ملي ويو، تہ جيئن يھودي انھن تي ساڙ کائين.


ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾ سچو ثابت ٿيو آھين، ۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“


ڇا ھو ئي عبراني آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي بني اسرائيل آھن؟ آءٌ بہ آھيان. ڇا ھو ئي ابراھيم جي نسل مان آھن؟ آءٌ بہ آھيان.


انھيءَ لاءِ جو اٺين ڏينھن منھنجو طھر ٿيو، آءٌ بني اسرائيل جي قوم ۽ بنيامين جي قبيلي ۾ پيدا ٿيس، آءٌ عبرانين جو پڪو عبراني ۽ شريعت جي لحاظ کان فريسي ھوس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ