Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:9 - Common Language New Testament

9 جيڪڏھن تون زبان سان اقرار ڪرين تہ ”عيسيٰ خداوند آھي“ ۽ دل ۾ ايمان آڻين تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو“ تہ پوءِ تو کي ڇوٽڪارو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون پنهنجي وات سان يسوع کي خداوند ڪري قبوليندين، ۽ پنهنجي دل ۾ ايمان آڻيندين تہ خدا هن کي مُئلن مان جياريو، تہ توکي نجات ملندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”يسوع ئي پرڀو آهي“ ۽ دل سان وشواس آڻيو تہ ”ايشور کيس مئلن مان جيوت ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي مڪتي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”عيسيٰ ئي خداوند آهي“ ۽ دل سان ايمان آڻيو تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي ڇوٽڪارو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو تہ ان کي ابن⁠آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.


سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.


تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“


پر خدا ھن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ کيس موت جي ڏکن کان آزاد ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ناممڪن ھو جو موت کيس قيد ڪري.


انھيءَ ئي عيسيٰ کي خدا جياريو ۽ اسين سڀ ان ڳالھہ جا شاھد آھيون.


اھي اڳتي ھلندي ھلندي ھڪڙي اھڙي جاءِ تي اچي پھتا جتي پاڻي ھو. تنھن تي آفيسر چيو تہ ”اِجھو، ھي پاڻي بہ موجود آھي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪھڙي جھل آھي؟“


ڇالاءِ⁠جو دل سان ايمان آڻڻ ڪري ماڻھو خدا ڏانھن سچار بڻايو وڃي ٿو ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ڪري ڇوٽڪارو ملي ٿو.


جيئن لکيل آھي تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ ھر ھڪ منھنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان مون خدا جي واکاڻ ڪندي.‘“


مسيح انھيءَ لاءِ مئو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو تہ جيئن ھو مئلن توڙي جيئرن ٻنھي جو خداوند ٿئي.


پر اسان لاءِ بہ لکيل آھن، جن کي خدا سچار ڪري قبول ڪندو، ڇالاءِ⁠جو اسين بہ انھيءَ خدا تي ايمان آڻيون ٿا جنھن اسان جي خداوند عيسيٰ کي مئلن مان جيئرو ڪيو.


پوءِ ڪير آھي جو اسان کي ڏوھدار بڻائيندو؟ جڏھن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر مئو، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. ھو خدا جي ساڄي پاسي آھي ۽ اسان جي شفاعت پيو ڪري.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي سمجھائڻ گھران ٿو تہ خدا جي روح جي اثر ھيٺ ڪوبہ نہ چوندو تہ عيسيٰ لعنتي آھي ۽ نہ وري ڪو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگھندو تہ عيسيٰ خداوند آھي.


۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہ عيسيٰ مسيح خداوند آھي، تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.


اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي.


جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي، تہ خدا انھيءَ ۾ رھي ٿو ۽ ھو خدا ۾.


ڇالاءِ⁠جو ڪيئي گمراھہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي عيسيٰ مسيح جي انساني صورت ۾ اچڻ جو انڪار ٿا ڪن. اھڙي قسم جو شخص گمراھہ ڪندڙ ۽ مسيح جو دشمن آھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ