Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:15 - Common Language New Testament

15 اھي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا جيڪڏھن ھو موڪليا ئي نہ ويا آھن؟ جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪي چڱيون ڳالھيون ٻڌائڻ اچن ٿا تن جا قدم ڪھڙا نہ سڳورا آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي سنديش جو پرچار ڪيئن ڪندا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي پيغام جي تبليغ ڪيئن ڪندا؟ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:15
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“


ھن کان پوءِ خداوند ٻاھتر ڄڻا ٻيا بہ مقرر ڪيا، جيڪي ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ ھر انھيءَ شھر ۽ جاءِ تي اڳ ۾ ويا جتي کيس پاڻ وڃڻو ھو.


تنھن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇالاءِ⁠جو مون اوھان لاءِ ھڪ وڏي خوشخبري آندي آھي، جيڪا سڄي قوم لاءِ ھوندي.


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“


تنھن کان پوءِ ھيئن ٿيو جو عيسيٰ شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ تبليغ ڪندو ۽ خدا جي بادشاھت جي خوشخبري ٻڌائيندو پئي گھميو. ٻارھن شاگرد بہ ساڻس گڏ ھئا،


تڏھن عيسيٰ وري چين تہ ”سلام، جيئن پيءُ مون کي موڪليو آھي، تيئن آءٌ بہ اوھان کي ٿو موڪليان.“


اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.


اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.


پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ⁠جو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“


خداوند ھن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ⁠تہ مون ھن کي پنھنجي خدمت واسطي چونڊيو آھي تہ ھو منھنجو نالو غير قومن، سندن بادشاھن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاھر ڪري.


تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.


مون اھو پڪو ارادو ڪيو آھي تہ جتي مسيح جو نالو اڳي نہ ورتو ويو آھي اُتي سندس خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انھيءَ لاءِ تہ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان.


سو مسيح آيو ۽ اوھين جيڪي پري ھئا ۽ اھي جيڪي ويجھا ھئا، ٻنھي کي صلح جي خوشخبري ٻڌايائين.


جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي⁠انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،


پنھنجي پيرن ۾ اھا جتي پائي تيار رھو، جنھن جي ڪري صلح جي خوشخبري ٻڌائي سگھو.


انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ