Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:18 - Common Language New Testament

18 جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بي⁠ديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو پنهنجيءَ ناراستيءَ جي ڪري سچ کي لڪايو ڇڏين، تن جي هر طرح جي بي دينيءَ ۽ ناراستيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب ظاهر ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ڌرمي ۽ بڇڙائيءَ سبب آڪاش مان ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ديني ۽ بڇڙائيءَ سبب آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ⁠تہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي.


جھڙيءَ طرح ھنن خدا کي سڃاڻڻ کان منھن موڙيو، تھڙيءَ طرح خدا بہ کين بڇڙن ڪمن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ جيئن ھو گمراھيءَ جا ڪم ڪندا رھن.


جيتوڻيڪ انھن کي خدا جي انھيءَ حڪم جي ڄاڻ آھي تہ جيڪي ماڻھو ھي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آھن، تنھن ھوندي بہ اھي نہ رڳو پاڻ ھي ڪم ڪن ٿا، پر جيڪي ٻيا اھي ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي آھن.


اي انسان! تون اھڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوھہ تہ ڏين ٿو، پر پاڻ ساڳيا ئي ڪم ٿو ڪرين. ڇا تون ائين سمجھين ٿو تہ خدا جي فيصلي کان بچي ويندين؟


پوءِ ڀلا، اسين يھودي ڪنھن بہ نموني ٻين قومن کان بھتر آھيون ڇا؟ نہ، بلڪل نہ. مون اوھان کي اڳي ئي ٻڌايو آھي تہ يھودي ۽ غير قوم وارا سڀ برابر آھن ۽ سڀيئي ھڪ جھڙا گناھن ۾ ڦاٿل آھن.


شريعت خدا جو غضب پيدا ڪري ٿي، پر جتي شريعت ئي نہ آھي تہ اُتي سندس حڪمن جي ڀڃڪڙي بہ نہ آھي.


جڏھن اسين اڃا لاچار ئي ھئاسين تہ بلڪل انھيءَ وقت مسيح اسان بدڪارن لاءِ جان ڏني.


ھاڻ جڏھن ھن جي موت جي وسيلي اسين خدا ڏانھن سچار ٿياسين، تہ انھيءَ کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسين مسيح جي وسيلي خدا جي غضب کان بچي وينداسين.


پنھنجي جسم جي عضون کي گناھہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اھي بڇڙائيءَ جا ھٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوھان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا ھٿيار ٿين.


متان ڪو ماڻھو سکڻيون ڳالھيون ڪري اوھان کي ٺڳي وڃي، ڇالاءِ⁠جو اھڙن گناھن جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


ھو برباد ٿيڻ وارن کي ھر قسم جي بڇڙائيءَ سان فريب ڏيندو. اھي ماڻھو انھيءَ ڪري برباد ٿيندا جو سچ جي محبت اختيار نہ ڪيائون، جنھن سان سندن ڇوٽڪارو ٿئي ھا.


ھاڻ اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا ڪھڙي طاقت آھي جيڪا ھن وڳوڙيءَ کي روڪيو بيٺي آھي، انھيءَ لاءِ تہ ھو پنھنجي پوري وقت تي ظاھر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ