Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 7:17 - Common Language New Testament

17 ڇالاءِ⁠جو گھيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آھي، سو ھنن جو ڌنار ٿيندو ۽ کين آبِ⁠حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو گهيٽو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار ٿيندو، ۽ کين آبِ حيات جي چشمن تي وٺي ويندو: ۽ خدا سندن اکين مان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين آبِ‌حيات جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ خدا سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 7:17
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان، ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين. ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو، جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“


سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.


آءٌ چڱو ريڍار آھيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏئي ٿو.


آءٌ چڱو ريڍار آھيان. جھڙيءَ طرح پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو ۽ آءٌ پيءُ کي سڃاڻان ٿو، تھڙيءَ طرح آءٌ پنھنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنھنجي جان بہ ڏيان ٿو.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“


عورت چيو تہ ”سائين! اوھان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونھي ۽ کوھہ بہ اونھو آھي. پوءِ اوھين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏھن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ ھڪ چشمو ٿي پوندو، جنھن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو جو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“


اوھين پاڻ سان گڏ انھيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنھن لاءِ پاڪ روح اوھان کي ڌنار مقرر ڪيو آھي. سو خدا جي انھيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رھجو، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، تنھن کي اوھين چاريو ۽ انھيءَ جي نگھباني ڪريو. ھي ڪم جيئن خدا چاھي ٿو، تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب. دل جي شوق سان ڪريو، نڪي پيسي جي لالچ تي.


ھي اُھي ماڻھو آھن جن عورتن کي ھٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آھن ۽ گھيٽي جي پٺيان ھلن پيا. جيڏانھن ھو وڃي ٿو، اوڏانھن وڃن ٿا. اُھي انسانن مان خريد ڪيا ويا آھن، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽي جو پھريون ڦل ٿين.


مون شھر ۾ ڪوبہ ھيڪل ڪونہ ڏٺو، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا قادرِمطلق ۽ گھيٽو ئي سندس ھيڪل آھي.


انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.


ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِ⁠جو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“


ھن مون کي چيو تہ ”اھي ڳالھيون پوريون ٿي چڪيون آھن. آءٌ اول ۽ آخر، ازلي ۽ ابدي آھيان. جيڪو اڃايل آھي تنھن کي آبِ⁠حيات جي چشمي مان مفت پياريندس.


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،


”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“


مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ