Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 7:13 - Common Language New Testament

13 انھن بزرگن مان ھڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي پاڪ صاف پھراڻ پايو بيٺا آھن، اُھي ڪير آھن ۽ ڪٿان آيا آھن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ انهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو، تہ هي جي اڇا ڪپڙا پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن، ۽ ڪٿان آيا آهن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 انهن مهاتمائن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 انهن بزرگن مان هڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي اڇو جبو پايو بيٺا آهن، سي ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 7:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ عيسيٰ ھيڪل ۾ تعليم ڏيندي وڏي واڪي چيو تہ ”اوھين مون کي سڃاڻو ٿا ۽ اھا بہ خبر اٿوَ تہ آءٌ ڪٿان آيو آھيان. آءٌ پنھنجي مرضيءَ سان نہ آيو آھيان، بلڪ انھيءَ وٽان موڪليو ويو آھيان جيڪو سچو آھي پر اوھين کيس نہ ٿا سڃاڻو.


جڏھن پطرس اھو حال ڏٺو، تڏھن ماڻھن کي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ھن ماڻھوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانھن گھوري ڇو ٿا نھاريو؟ ڇا اسان ھن کي پنھنجيءَ قدرت ۽ دينداريءَ جي ڪري گھمڻ جي طاقت ڏني آھي؟


پر سرديس ۾ اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جن پنھنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا آھن. اُھي پاڪ صاف ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇالاءِ⁠جو اُھي انھيءَ لائق آھن.


تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ


انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.


ڏسندي ڏسندي مون تخت، ساھوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، انھن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ ھو.


تڏھن بزرگن مان ھڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ، ڏس، ھو يھوداہ قبيلي جو شينھن جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ غالب پيو آھي، سو ئي انھيءَ ڪتاب کي کولي ۽ ستن ئي مُھرن کي ٽوڙي ٿو سگھي.“


انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ