Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 7:1 - Common Language New Testament

1 انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار دوت بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن ڌرتيءَ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 7:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“


پوءِ ھو ملائڪن کي زمين جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن ھو خدا جي چونڊيل ماڻھن کي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين آڻي گڏ ڪن.“


ھو ٻاھر وڃي زمين جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ٺڳيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انھن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جيترو آھي.


مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“


پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.


اُن آواز انھيءَ توتاري واري ڇھين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آھن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“


انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ