Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 6:6 - Common Language New Testament

6 مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ مون ڄڻ تہ هنن چئن جاندارن جي وچ مان هڪڙي آواز کي هيئن چوندو ٻُڌو، تہ هڪ دينار لاءِ ڪڻڪ جو سير ۽ هڪ دينار لاءِ جَوَن جا ٽي سير، پر تيل ۽ مئي کي نقصان نہ رساءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 6:6
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.


انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“


”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“


انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ