Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 6:16 - Common Language New Testament

16 اھي جبلن ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي نظر کان ۽ گھيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ اُهي جبل ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ اسان تي ڪِري پئو، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي نظر کان ۽ گهيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي ڏمر کان اسين لڪي وڃون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي غضب کان اسين لڪي وڃون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 6:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“


عيسيٰ انھن ڏانھن چوڌاري ڪاوڙ ۾ ڏٺو، پر ساڳي وقت کيس انھن جي ھٺ ۽ ھوڏ تي ارمان بہ پئي ٿيو. پوءِ انھيءَ ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ھٿ ڊگھيريو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.


انھيءَ وقت اھي پھاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِرو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي لڪايو.‘


۽ سدائين زندہ خدا جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي منجھن آھي تن کي پيدا ڪيو آھي، انھيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”ھاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.


ھن جي وات مان ھڪڙي تکي تلوار ٿي نڪتي، تہ جيئن ھو قومن کي ماري. ھو مٿن لوھہ جي لٺ سان حڪومت ڪندو ۽ قادرِمطلق خدا جي خوفناڪ غضب واري حوض ۾ ڊاک کي لتاڙيندو.


پوءِ مون ھڪڙو وڏو تجليدار تخت ۽ انھيءَ تي ويٺل کي ڏٺو. انھيءَ جي اڳيان زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.


ھڪدم آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ ڏٺم تہ آسمان ۾ ھڪڙو تخت رکيل ھو ۽ انھيءَ تخت تي ڪو ويٺو ھو.


انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.


جڏھن اھي ساھوارا انھيءَ جي تعظيم، عزت ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳائين ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو،


پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


انھن ڏينھن ۾ ماڻھو موت کي ڳوليندا پر لھي نہ سگھندا، ھو مرڻ چاھيندا پر موت کانئن پيو ڀڄندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ