Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 6:12 - Common Language New Testament

12 جڏھن گھيٽي ڇھين مُھر ٽوڙي تڏھن مون ڏٺو تہ ھڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج ڏاس جي کٿي جھڙو ڪارو ٿي پيو ۽ سڄو چنڊ رت جھڙو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 6:12
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.


”انھن مصيبتن جي ڏينھن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنھنجي روشني نہ ڏيندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


قوم، قوم سان وڙھندي ۽ بادشاھت، بادشاھت تي چڙھائي ڪندي. ڪيترن ئي ھنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا، تن جڏھن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”سچ⁠پچ ھيءُ ماڻھو خدا جو فرزند ھو.“


ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ آسمان مان ھيٺ لٿو ۽ قبر جي منھن واري پٿر کي پاسي تي ريڙھي مٿس چڙھي ويٺو.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اوندھہ ڇانئجي ويئي، جيڪا ٽپھريءَ تائين ھلي.


انھيءَ مھل ھڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ شھر جو ڏھون حصو ڪري پيو. انھيءَ زلزلي ۾ ست ھزار ماڻھو مري ويا ۽ باقي ٻيا ڊڄي ڪري عرش عظيم جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.


انھيءَ تي کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيون ۽ وڏو زلزلو آيو. جڏھن کان ماڻھو زمين تي پيدا ٿيا آھن تہ اھڙو وڏو زلزلو ڪڏھن ڪونہ آيو ھو.


چوٿين ملائڪ پنھنجو پيالو سج جي مٿان ھاريو تہ سج کي اختيار ڏنو ويو تہ ماڻھن کي باھہ سان ساڙي ڇڏي.


چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو.


پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربان⁠گاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ