Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 5:13 - Common Language New Testament

13 پوءِ مون آسمان، زمين، زمين جي ھيٺان ۽ سمنڊ جي سڀني خلقيل شين کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي ۽ گھيٽي جي تعريف، عزت، جلال ۽ حڪومت، شل ھميشہ تائين قائم رھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ سڀڪا خلقيل شيءِ، جا آسمان ۽ زمين تي، ۽ زمين جي هيٺان، ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ سڀ شيون جي انهن ۾ آهن، تن کي مون هيئن چوندو ٻُڌو تہ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي، ۽ انهي گهيٽي جي تمجيد، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ حڪومت شل هميشہ تائين هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ سموري مخلوق جيڪا آڪاش ۾، ڌرتيءَ تي، ڌرتيءَ جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي مهما، مان‌سمان، مهانتا ۽ شڪتي شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ سموري مخلوق جيڪا آسمان ۾، زمين تي، زمين جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي واکاڻ، عزت، عظمت ۽ قدرت شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 5:13
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ ۽ زمين تي انھن ماڻھن لاءِ صلح وَ سلامتي، جن کان ھو راضي آھي.“


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو سڀيئي شيون خدا جون ئي پيدا ڪيل آھن، انھيءَ جي ڪري ئي وجود ۾ آھن ۽ انھيءَ جي لاءِ ئي آھن. شل خدا جي ھميشہ واکاڻ ھجي. آمين.


انھيءَ واحد ۽ داناءَ خدا جي عيسيٰ مسيح جي وسيلي شل ھميشہ تائين واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.


قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.


شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙھي بہ پيڙھي ھميشہ تائين سندس واکاڻ ٿيندي رھي. آمين.


انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا، سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،


بشرطيڪ اوھين پنھنجي ايمان جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رھو ۽ جيڪا خوشخبري اوھان ٻڌي آھي تنھن جي اميد نہ ڇڏيو. انھيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان ھيٺان رھندڙ ھر ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ڪئي ويئي آھي، جنھن جو آءٌ پولس خادم ٿيو آھيان.


پاڻ کي ۽ پنھنجي تعليم کي جاچيندو رھہ. انھن ھدايتن تي ثابت قدم رھہ، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجي ٻڌڻ وارن کي بچائڻ جو سبب ٿيندين.


جيڪڏھن ڪو ماڻھو پيغام ڏئي تہ سندس پيغام اھڙو ھجي جھڙو خدا جو ڪلام آھي. جيڪڏھن ڪو خدمت ڪري تہ انھيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو، انھيءَ لاءِ تہ سڀني ڳالھين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. سندس وڏائي ۽ بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.


انھيءَ واحد خدا، اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ کي، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي جلال ۽ عظمت، قدرت ۽ اختيار سونھي، جيئن ازل کان ھو، ھاڻي آھي ۽ ھميشہ تائين ھوندو. آمين.


ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.


پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.


اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، جلال ۽ تعريف جي لائق آھي.“


پر ڪوبہ شخص آسمان ۾، يا زمين تي، يا زمين جي ھيٺان انھيءَ ڪتاب کي کولي يا ان ۾ نھاري نہ ٿي سگھيو.


مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


اھي جبلن ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي نظر کان ۽ گھيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ