Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 5:12 - Common Language New Testament

12 اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، جلال ۽ تعريف جي لائق آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اُنهن وڏي آواز سان پئي چيو تہ جيڪو گهيٽو ڪُٺو ويو آهي سو قدرت، ۽ دولت، ۽ حڪمت، ۽ طاقت، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ تمجيد جي لائق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي شڪتي، دولت، ڏاهپ، طاقت، مان‌سمان، مهانتا ۽ مهما جي لائق آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، عظمت ۽ واکاڻ جي لائق آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 5:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو تو کيس سڀني ماڻھن تي اختيار ڏنو آھي تہ ھو انھن کي دائمي زندگي بخشي جيڪي تو کيس ڏنا آھن.


ڇالاءِ⁠جو اوھين اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل کي ڄاڻو ٿا. جيتوڻيڪ ھو دولتمند ھو تڏھن بہ اوھان جي خاطر غريب ٿي ويو، تہ جيئن سندس غريبيءَ جي ڪري اوھين دولتمند ٿي وڃو.


ھاڻي دائمي بادشاھہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ ھميشہ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.


ھن اسان کي ڪاھنن جي ھڪڙي بادشاھت بڻايو تہ جيئن اسين سندس خدا ۽ پيءُ جي خدمت ڪري سگھون. شل انھيءَ جي وڏائي ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.


زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.


اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي.


”اي اسان جا خداوند ۽ خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آھين، ڇالاءِ⁠جو تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ تنھنجيءَ ئي مرضيءَ سان پيدا ٿيون ۽ وجود ۾ آيون.“


پوءِ مون آسمان، زمين، زمين جي ھيٺان ۽ سمنڊ جي سڀني خلقيل شين کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي ۽ گھيٽي جي تعريف، عزت، جلال ۽ حڪومت، شل ھميشہ تائين قائم رھي.“


مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن.


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏھن گھيٽي انھن ستن مُھرن مان ھڪ کي ٽوڙيو، تڏھن انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي کي گجگوڙ جھڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


چوڻ لڳا تہ ”آمين، اسان جي خدا جي تعريف، جلال، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت، ھميشہ ھميشہ تائين ھجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ