Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:20 - Common Language New Testament

20 جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالھيون آھن جيڪي عيسيٰ ڪيون ھيون. اھي جيڪڏھن ھڪڙي ھڪڙي ڪري ويھي لکجن ھا تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ ڪتاب لکجي وڃن ھا جو ھوند دنيا ۾ نہ سمائجي سگھن ھا.


لعنت آھي ان تي جيڪو خداوند سان پيار نہ ٿو ڪري. اي اسان جا خداوند! اچ.


ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.


”تمام ٿوري مدت باقي آھي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


پوءِ يوحنا انھن ڳالھين جي گواھي ڏني جيڪي ھن ڏٺيون، يعني خدا جو ڪلام ۽ عيسيٰ مسيح جي شاھدي.


تنھنڪري توبھہ⁠تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوھان وٽ ايندس ۽ پنھنجي وات جي تلوار سان انھن سان وڙھندس.


پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.


جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.


آءٌ يوحنا، ھر ڪنھن کي جيڪو ھن ڪتاب جون پيشنگوئيون ٻڌي ٿو، آگاھہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا ھن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.


جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ