Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:18 - Common Language New Testament

18 آءٌ يوحنا، ھر ڪنھن کي جيڪو ھن ڪتاب جون پيشنگوئيون ٻڌي ٿو، آگاھہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا ھن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 جيڪو بہ ماڻهو هن ڪتاب جي نبوت جون ڳالهيون ٻُڌي ٿو، تنهن لاءِ آئون شاهدي ٿو ڏيان، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُنهن ۾ ڪي گڏيندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن شاستر جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ ايشور هن شاستر ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ يوحنا هر انهيءَ کي جيڪو هن ڪتاب جون ڳالهيون ٻڌي ٿو، آگاهہ ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هنن ۾ ڪو واڌارو ڪندو تہ خدا هن ڪتاب ۾ لکيل آفتون مٿس آڻيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:18
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو سلو منھنجي آسمان واري پيءُ نہ پوکيو آھي سو ضرور پٽيو ويندو.


تنھنڪري آءٌ خداوند جي نالي اوھان کي زور ڏيندي چوان ٿو تہ اوھين اڳتي اھڙيءَ طرح نہ ھلو، جھڙيءَ طرح غير قومون پنھنجن اجاين خيالن موجب ھلن ٿيون.


سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.


سڀاڳو آھي اھو شخص، جيڪو ھن پيشنگوئيءَ جون ڳالھيون پڙھي ٿو ۽ اھي جيڪي ٻڌن ٿا ۽ انھيءَ ۾ لکيل ڳالھين تي عمل ڪن ٿا. ڇالاءِ⁠جو انھن ڳالھين جي پوري ٿيڻ جو وقت ويجھو آھي.


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


انھيءَ مان اُھي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون ھيون. اُھي صاف ۽ اڇيون چمڪندڙ پوشاڪون پھريل ھئا ۽ سندن ڇاتين تي سونا سينابند ٻڌل ھئا.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.


جنھن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنھن کي انھيءَ باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


پوءِ ھن مون کي چيو تہ ”ھن ڪتاب جي پيشنگوئين جي ڳالھين کي راز ۾ نہ رک، ڇالاءِ⁠جو وقت ويجھو آھي.


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو.


پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ