Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 22:12 - Common Language New Testament

12 جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان ۽ منھنجو اجر مون سان ساڻ آھي، تہ جيئن ھر ڪنھن کي سندس ڪم مطابق بدلو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڏس، آئون جلد ٿو اچان؛ ۽ منهنجو اجر مون سان آهي، جو هر ڪنهن کي سندس ڪم موجب ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو ڦل مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو اجر مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 22:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


اھڙيءَ طرح اسان مان ھر ھڪ خدا کي پنھنجو پنھنجو حساب ڏيندو.


جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو انھيءَ بنياد تي اڏيل ڪم جٽاءُ ڪندو تہ کيس ان جو اجورو ملندو.


پوکڻ وارو ۽ پاڻي ڏيڻ وارو ٻئي ھڪجھڙا آھن. ھر ڪنھن کي پنھنجي پورھئي آھر اجورو ملندو.


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو. اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن، ۽ ننڍن توڙي وڏن، جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو.


جيڪو ھنن ڳالھين جي شاھدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ آمين. اي خداوند عيسيٰ! اچ.


جيئن عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آھيان.“ سڀاڳو آھي اھو جيڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين کي مڃي ٿو.


آءٌ جلد اچڻو آھيان، جيڪي اوھان وٽ آھي سو سنڀالي رکو تہ ڪوبہ اوھان جو تاج کسي نہ وٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ