Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:7 - Common Language New Testament

7 جيڪو غالب پوندو سو ھنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انھيءَ جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجو ٻار ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيڪو غالب پوندو سو هنن شين جو وارث ٿيندو؛ آئون انهي جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو ايشور هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو سو هنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انهيءَ جو خدا هوندس ۽ هو منهنجو ٻار هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:7
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوء⁠ڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.


تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.


عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


ڇالاءِ⁠جو جيڪي خدا جي روح جي ھدايتن موجب ھلن ٿا سي خدا جا ٻار آھن.


سڄي مخلوقات ڏاڍي شوق سان خدا جي ٻارن جي ظاھر ٿيڻ جي انتظار ۾ آھي.


خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”آءٌ انھن ۾ رھندس ۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انھن جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“


آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“


وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين انھيءَ لاءِ سڏيا ويا آھيو تہ برڪت جا وارث ٿيو.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.“


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“


پر جيڪي اوھان کي مليو تنھن کي سوگھو جھليو جيستائين آءٌ اچان.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“


مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ