Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 21:21 - Common Language New Testament

21 شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ ٻارهن در موتين جا هئا؛ هرهڪ در هڪ هڪ موتيءَ جو هو، ۽ شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي، ۽ صاف شيشي جهڙي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جو وڏو رستو خالص سون جو هو ۽ شيشي جهڙو صاف هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 شهر جا ٻارهن ئي دروازا موتين جا هئا ۽ هر هڪ دروازو هڪ هڪ موتيءَ جو هو. شهر جي سڙڪ خالص سون جي هئي ۽ شيشي جهڙي صاف هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 21:21
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو.


۽ چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر جيڪو عمدو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ قرمزي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ سون، ھيرا جواھرات ۽ موتين سان سينگاريل ھو،


جنھن ملائڪ مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن وٽ ماپ ڪرڻ لاءِ ھڪڙي سوني لٺ ھئي، جنھن سان ھو شھر کي، اُن جي دروازن کي ۽ ڀت کي ماپي سگھي.


شھر جي ڀت زبرجد جي ٺھيل ھئي ۽ شھر خالص سون جو ٺھيل ھو ۽ شيشي جھڙو صاف ۽ شفاف ھو.


انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.


تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ