Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 20:13 - Common Language New Testament

13 جيڪي بہ مُڙدا سمنڊ، موت ۽ عالم ارواح ۾ ھئا سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ ھر ھڪ جو انصاف انھيءَ جي عملن مطابق ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ سمنڊ ۾ جيڪي مُردا هئا، سي هن ڪڍي ٻاهر ڪيا؛ ۽ موت ۽ روحن جي عالم بہ جيڪي مُردا منجهن هئا، سي آڻي حاضر ڪيا؛ ۽ انهن مان هرهڪ جو سندن ڪمن موافق انصاف ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي سنسار ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جيڪي بہ مئل ماڻهو سمنڊ ۾ هئا توڙي موت جي قبضي ۾ اچي مئلن جي دنيا ۾ هئا، سي سڀ حاضر ڪيا ويا ۽ هر هڪ جو فيصلو سندس عملن موجب ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 20:13
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.


انھيءَ ڪري جو ابن⁠آدم پنھنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ ايندو ۽ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


آخري دشمن جيڪو ناس ٿيندو سو آھي موت.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


آءٌ انھيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀني ڪليسيائن کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو آھيان جيڪو اندر جا خيال ۽ دلين جا راز ڄاڻيان ٿو. آءٌ اوھان مان ھر ھڪ کي سندس ڪمن جو اجر ڏيندس.


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. ڪتاب کوليا ويا ۽ اُن سان گڏ ھڪ ٻيو ڪتاب، يعني زندگيءَ جو ڪتاب بہ کوليو ويو ۽ جھڙيءَ طرح انھن ڪتابن ۾ لکيل ھو، تھڙيءَ طرح انھن جي ڪمن مطابق مئلن جو انصاف ڪيو ويو.


ان کان پوءِ موت ۽ عالم ارواح باھہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايا ويا. اھا باھہ جي ڍنڍ ٻيو موت آھي.


ھو انھن جي اکين جا سڀ ڳوڙھا اُگھي ڇڏيندو. ان کان پوءِ نہ موت رھندو، نڪو ماتم، نڪو روئڻ ۽ نہ وري ڪو سور رھندو، ڇالاءِ⁠جو اڳيون حالتون گذري ويون آھن.“


۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ