Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 2:24 - Common Language New Testament

24 پر اوھان ٿواتيرہ جا باقي ماڻھو، جيڪي انھيءَ تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ انھن ڳالھين کان اڻ⁠ڄاڻ آھيو جن کي شيطان جون اونھيون ڳالھيون ٿا چون، آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پر اوهان ٿواتيرہ جي باقي ماڻهن کي، جيترا اها تعليم نٿا مڃين، ۽ جن کي اُنهن ڳالهين جي خبر ڪانهي جن کي شيطان جون اونهيون ڳالهيون چوندا آهن، تن کي آئون چوان ٿو تہ آئون اوهان تي ڪو ٻيو بار نٿو وجهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 پر اوهين ٿواتيرہ جي منڊليءَ جا باقي ماڻهو ايزبل جي سکيا تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر اوهين ٿواتيرہ جي ڪليسيا جا باقي ماڻهو ايزبل جي تعليم تي عمل نہ ٿا ڪريو ۽ شيطان جي ڳالهين کان اڻ‌ڄاڻ آهيو جن کي ماڻهو اونهيون ڳالهيون چون ٿا. آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھندس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 2:24
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پاڪ روح ۽ اسان ضروري سمجھيو تہ ھنن خاص حڪمن کان سواءِ اوھان تي ڪو ٻيو بار نہ وجھون.


انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون.


پر اسان تي خدا اھا پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ڪئي آھي، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح سڀني ڳالھين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالھين کي بہ پرکي ٿو وٺي.


پر مون کي اھو ڊپ آھي تہ جيئن نانگ پنھنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنھن نموني اوھان جون دليون بہ انھيءَ سادگيءَ ۽ پاڪائيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح لاءِ ھئڻ گھرجن.


انھيءَ ڪري تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي نہ پئون، ڇوجو اسين سندس منصوبن کان بي⁠خبر نہ آھيون.


اھڙي ڏاھپ آسمان کان نہ ٿي اچي، بلڪ اھا دنياوي، جسماني ۽ شيطاني آھي.


جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


اُن حيوان کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ پھرين حيوان جي روبرو معجزا ڏيکاري. انھن معجزن جي ڪري زمين جا رھاڪو گمراھہ ٿي رھيا ھئا. ھُن انھن کي چيو تہ انھيءَ حيوان جو بت بڻايو جنھن کي تلوار سان سخت زخمي ڪيو ويو ھو، پر پوءِ اھو جيئرو ٿي پيو.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


”ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ خدا جو فرزند جنھن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنھن جا پير صاف ٿيل پتل جھڙا آھن،


مون کي اوھان جي مصيبت ۽ غريبيءَ جي خبر آھي، پر اوھين دولتمند آھيو. جيڪي اوھان جي گلا پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اُھي پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين پر آھن ڪين، اھي شيطان جو ٽولو آھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ