Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 2:22 - Common Language New Testament

22 ڏسو، آءٌ ھن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن سي جيڪڏھن پنھنجن ڪمن کان توبھہ نہ ڪندا تہ کين بہ وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ڏس، آئون انهيءَ کي بستري داخل ٿو ڪريان، ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن، سي جيڪڏهن پنهنجن ڪمن کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين مصيبت ۾ وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ڏسو، آءٌ هن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي انهيءَ زناڪاريءَ ۾ ساڻس شريڪ آهن، سي بہ جيڪڏهن سندس ڪمن تي عمل ڪرڻ کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ڏسو، آءٌ هن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي انهيءَ زناڪاريءَ ۾ ساڻس شريڪ آهن، سي بہ جيڪڏهن سندس ڪمن تي عمل ڪرڻ کان توبهہ نہ ڪندا تہ کين وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 2:22
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ائين نہ آھي، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ پوءِ سڀيئي ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.


آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ نہ، پر جيڪڏھن اوھين پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪندا تہ ائين برباد ٿيندا، جيئن اھي ٿيا ھئا.“


آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏھن آءٌ وري اوھان وٽ اچان تہ متان منھنجو خدا مون کي اوھان جي اڳيان شرمندو ڪري. متان مون کي اھڙن گھڻن ماڻھن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن ھيستائين ناپاڪيءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناھہ پئي ڪيا آھن ۽ انھن کان توبھہ نہ ڪئي اٿن.


انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


تنھنڪري ياد ڪريو تہ اوھين ڪٿان ڪريا آھيو ۽ پوءِ توبھہ⁠تائب ٿي اڳي جھڙا ڪم ڪريو. جيڪڏھن اوھان توبھہ نہ ڪئي تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ۽ اوھان جو شمعدان مقرر جاءِ تان ھٽائي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ