Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:9 - Common Language New Testament

9 ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هن چيو تہ لک، تہ اهي مبارڪ آهن جن کي گهيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي. ۽ هن مون کي چيو تہ هي خدا جون سچيون ڳالهيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي خدا جا سچا لفظ آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:9
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اھا نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاھت ۾ انھيءَ جو پورو مطلب نہ نڪري.“


اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي تہ عيسيٰ مسيح گنھگارن کي ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو، جن مان بدترين آءٌ آھيان.


اھا ڳالھہ سچي ۽ ھر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آھي.


اھا ڳالھہ سچي آھي تہ ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين، تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.


اھا ڳالھہ سچي آھي. سو منھنجي مرضي آھي تہ تون انھن ڳالھين تي زور ڏي، انھيءَ لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آھي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رھڻ جي ڳڻتي رکن. اھي ڳالھيون چڱيون ۽ ماڻھن لاءِ فائديمند آھن.


ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون.


تنھنڪري جيڪي تو ھن وقت ڏٺو ۽ اُھي ڳالھيون جيڪي ھن کان پوءِ جلد ٿيڻيون آھن، سي سڀيئي لک.


جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جيڪي اڄ کان وٺي مسيح جا ٿي ٿا مرن. پاڪ روح چوي ٿو تہ ھائو، اھو سچ آھي تہ اُھي پنھنجي پورھين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي پنھنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


پوءِ انھن ستن ملائڪن مان جن وٽ ست پيالا ھئا، ھڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”ھيڏانھن اچ تہ تو کي ڏيکاريان تہ انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ کي ڪھڙي سزا ڏني ويندي، يعني انھيءَ وڏي شھر کي جيڪو گھڻن دريائن جي ڀرسان اڏيل آھي.


انھيءَ جو سبب اھو آھي جو خدا انھن جي دلين ۾ اھا ڳالھہ وجھندو تہ اھي سندس مقصد پورو ڪن ۽ ھڪڙي ئي راءِ تي اچي بيھن تہ اھي پنھنجي پنھنجي بادشاھي انھيءَ حيوان کي ڏين، جيستائين خدا جون ڳالھيون پوريون ٿين.


ھن چيو تہ ”اِفسس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن کي پنھنجي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا آھن ۽ جيڪو ستن سونن شمعدانن جي وچ ۾ ھلي ٿو، سو چوي ٿو تہ


”پرگمن واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ ٻہ⁠منھين تکي تلوار آھي سو چوي ٿو تہ


”ٿواتيرہ واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ خدا جو فرزند جنھن جون اکيون مشعل وانگر ٻرن ٿيون ۽ جنھن جا پير صاف ٿيل پتل جھڙا آھن،


”سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو اول ۽ آخر آھي، جيڪو مري ويو ھو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو چوي ٿو تہ


جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ ھن چيو تہ ”لک، ڇالاءِ⁠جو اھي ڳالھيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آھن.“


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”ھي ڳالھيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آھن.“ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جن جو جلد ٿيڻ ضروري آھي.


”سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آھن، سو ھيئن چوي ٿو تہ آءٌ اوھان جي ڪمن کي ڄاڻان ٿو. ماڻھو اوھان کي جيئرو سمجھندا آھن، پر اوھين تہ مئل آھيو.


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيھي کڙڪايان ٿو، جيڪڏھن ڪو ماڻھو منھنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي ايندس ۽ انھيءَ سان گڏ ماني کائيندس ۽ اھو مون سان گڏ کائيندو.


”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ