Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:7 - Common Language New Testament

7 اچو تہ اسين خوش ٿيون، ۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون، ڇالاءِ⁠جو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اچو تہ خوشي ڪريون ۽ ڏاڍا سرها ٿيون، ۽ کيس سجدو ڪريون، ڇالاءِ جو گهيٽي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ سندس ڪنوار پاڻ کي تيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس مهانتا ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس عظمت ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:7
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.


ھن چيو تہ ”آسمان واري بادشاھت ھڪڙي اھڙي بادشاھہ مثل آھي، جنھن پنھنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي.


اوھين پاڻ کي انھن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنھنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نھارين تہ جڏھن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ ھڪدم ھن لاءِ در کولين.


گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.


مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.


ڇالاءِ⁠جو مڙس زال جو سرآھي، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا يعني بدن جو سر ۽ انھيءَ بدن جو بچائيندڙ آھي.


اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.


ڇالاءِ⁠جو حقيقي طھر ڪرايل اسين آھيون، جيڪي خدا جي روح جي وسيلي سندس عبادت ڪريون ٿا. اسين عيسيٰ مسيح تي فخر ٿا ڪريون ۽ جسماني ڳالھين تي ويساھہ نہ ٿا رکون،


انھيءَ مھل ھڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ شھر جو ڏھون حصو ڪري پيو. انھيءَ زلزلي ۾ ست ھزار ماڻھو مري ويا ۽ باقي ٻيا ڊڄي ڪري عرش عظيم جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.


ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“


مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.


پوءِ اُھي ست ملائڪ جن وٽ ست پيالا ھئا ۽ پوئين ستن آفتن سان ڀريل ھئا، تن مان ھڪڙي اچي مون سان ڳالھايو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، يعني گھيٽي جي زال.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ