Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:14 - Common Language New Testament

14 آسمان جون فوجون اڇن گھوڙن تي سوار، اڇيون، پاڪ صاف ۽ عمديون پوشاڪون پھري، سندس پٺيان پئي آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ آسمان جون فوجون سفيد گهوڙن تي، اڇن ۽ صاف ڪتاني ڪپڙن ۾ سندس پٺيان پئي آيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 آڪاش جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آسمان جا لشڪر سنهي وٽيل سڻيءَ جون اڇيون ۽ صاف سٿريون پوشاڪون پهري اڇن گھوڙن تي سوار سندس پٺيان پئي آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:14
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”صيئون جي شھر کي چئو تہ ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو، نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار، بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“


تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


ھن جي صورت وڄ جھڙي ھئي ۽ سندس پوشاڪ نوراني ھئي.


۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.


انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.


پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.


شھر کان ٻاھر انھيءَ حوض ۾ ڊاک پيڙي ويئي ۽ انھيءَ مان ايترو تہ رت نڪتو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پھتو ۽ ٽي ⁠سؤ ڪلوميٽرن تائين وھي ھليو.


اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“


پوءِ مون کي آسمان کليل نظر آيو، جنھن ۾ مون ھڪ اڇو گھوڙو ڏٺو ۽ انھيءَ تي جيڪو سوار ھو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آھي. ھو سچائيءَ سان انصاف ۽ جنگ ڪري ٿو.


انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن. ڇاڪاڻ⁠تہ عمدن ڪپڙن مان مراد خدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“


پر سرديس ۾ اوھان وٽ ڪي اھڙا ماڻھو بہ آھن، جن پنھنجا ڪپڙا پليت نہ ڪيا آھن. اُھي پاڪ صاف ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇالاءِ⁠جو اُھي انھيءَ لائق آھن.


انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.


انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ