Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:12 - Common Language New Testament

12 ھن جون اکيون ڄڻ تہ باھہ جا شعلا آھن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آھن. ھن تي ھڪڙو نالو لکيل آھي، جيڪو انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هن جون اکيون باهہ جا شعلا آهن، ۽ هن جي مٿي تي گهڻا تاج آهن، ۽ هن جو هڪڙو نالو لکيل آهي، جو انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونہ ٿو ڄاڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:12
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.


”صيئون جي شھر کي چئو تہ ’ڏس، تنھنجو بادشاھہ تو وٽ اچي پيو، نماڻو ۽ گڏھہ تي سوار، بلڪ گڏھہ جي ٻچڙي يعني کودڙي تي.‘“


عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


”منھنجي پيءُ مون کي سڀني شين تي اختياري ڏني آھي. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آھي ۽ پٽ کان سواءِ ڪنھن کي بہ خبر نہ آھي تہ پيءُ ڪير آھي يا جن تي پٽ اھو ظاھر ڪري.“


ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.


جيستائين آءٌ انھن سان گڏ ھوس، تيستائين تنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان جيڪو نالو تو مون کي ڏنو آھي، کين سلامت رکندو آيو آھيان. مون انھن جي سنڀال ڪئي آھي. جيڪو برباد ٿيڻو ھو تنھن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ منجھائن برباد نہ ٿيو آھي، تہ جيئن پاڪ لکت پوري ٿئي.


اُتي مسيح ھر طرح جي حڪومت، اختياري، طاقت ۽ بادشاھت کان گھڻو مٿاھون آھي. ڪوبہ اختياريءَ وارو لقب جيڪو نہ رڳو ھن زماني ۾ بلڪ ايندڙ زماني ۾ بہ ڪنھن کي حاصل ٿيندو، تنھن کان مسيح جو لقب مٿاھون آھي.


مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.


انھيءَ جو مٿو ۽ وار اھڙا اڇا ھئا جھڙو کير، بلڪ نور جھڙا. سندس اکيون مشعل وانگر ٻرن پيون.


ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.


پوءِ مون ھڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي ڏھہ سڱ ۽ ست مٿا ھئا. سندس سڱن تي ڏھہ تاج ھئا ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا لکيل ھئا.


ھن جي پوشاڪ تي ۽ سندس ران تي ھي نالو لکيل آھي تہ ”بادشاھن جو بادشاھہ ۽ خداوندن جو خداوند.“


جيڪو غالب پوندو، تنھن کي آءٌ ھيڪل جو ھڪ ٿنڀو بڻائيندس. اھو ھيڪل کان ڪڏھن بہ ٻاھر نہ نڪرندو. آءٌ پنھنجي خدا جو نالو ۽ پنھنجي خدا جي شھر، يعني نئين يروشلم جو نالو ۽ خود پنھنجو نالو انھيءَ شخص تي لکندس. اھو شھر منھنجي خدا وٽان آسمان کان ھيٺ لھي ايندو.


مون ڏٺو تہ ھڪڙو اڇو گھوڙو نظر آيو ۽ ان جي سوار وٽ تيرڪمان ھئا. کيس ھڪڙو تاج ڏنو ويو ۽ ھو فاتح جي انداز ۾ نڪتو تہ جيئن وڌيڪ فتح ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ