Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 19:11 - Common Language New Testament

11 پوءِ مون کي آسمان کليل نظر آيو، جنھن ۾ مون ھڪ اڇو گھوڙو ڏٺو ۽ انھيءَ تي جيڪو سوار ھو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آھي. ھو سچائيءَ سان انصاف ۽ جنگ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي آڪاش کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ مون کي آسمان کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 19:11
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھين آسمان کلندو ڏسندا ۽ خدا جا ملائڪ ابن⁠آدم تي نازل ٿيندا ۽ مٿي ويندا ڏسندا.“


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آھيان. منھنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پھچي نہ ٿو سگھي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ آھن جيڪو سچو شاھد، جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پھريتو ۽ دنيا جي بادشاھن تي حڪم ھلائيندڙ آھي. ھو اسان کي پيار ٿو ڪري ۽ ھن پنھنجو رت وھائي اسان کي گناھن کان ڇوٽڪارو ڏنو آھي.


خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.


پوءِ مون انھيءَ حيوان، دنيا جي بادشاھن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انھيءَ گھوڙي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا.


باقي ٻيا انھيءَ گھوڙي سوار جي تلوار، جيڪا سندس وات مان ٿي نڪتي تنھن سان ماريا ويا ۽ سڀني پکين انھن جو گوشت کائي ڍءُ ڪيو.


”لوديڪيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو امين، وفادار ۽ سچو شاھد آھي ۽ جنھن جي وسيلي خدا سڀ ڪجھہ بڻايو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


”فلدلفيا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جيڪو پاڪ ۽ سچو آھي، جنھن وٽ دائود جي ڪنجي آھي، جنھن جي کوليل کي ڪو بند نہ ڪندو ۽ جنھن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ سگھندو، سو ھيئن ٿو چوي تہ


انھن ڳالھين کان پوءِ مون نھاريو تہ آسمان ۾ ھڪڙو کليل دروازو ڏٺم، ۽ اھو توتاري جھڙو آواز جيڪو مون اڳ ۾ ٻڌو ھو، سو وري ٻڌڻ ۾ آيو ۽ چيائين تہ ”ھيڏانھن اچ تہ آءٌ تو کي اھي ڳالھيون ڏيکاريان، جيڪي ھن کان پوءِ ٿيڻ واريون آھن.“


مون ڏٺو تہ ھڪڙو اڇو گھوڙو نظر آيو ۽ ان جي سوار وٽ تيرڪمان ھئا. کيس ھڪڙو تاج ڏنو ويو ۽ ھو فاتح جي انداز ۾ نڪتو تہ جيئن وڌيڪ فتح ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ