Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:9 - Common Language New Testament

9 دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ جن زمين جي بادشاهن ساڻس زناڪاري ۽ عيش عشرت ڪئي، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا، تڏهن سندس لاءِ روئندا ۽ پِٽيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 ڌرتيءَ جي جن راجائن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڌرتيءَ جي جن بادشاهن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:9
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جوان رنن⁠زالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.


انھن جي عذاب جو دونھون سدائين پيو نڪرندو رھندو ۽ جيڪي ماڻھو انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان ھڻائين ٿا، تن کي رات ڏينھن آرام ڪونہ ملندو.


انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“


اُھي ھن شھر جي سڙڻ جو دونھون ڏسي رڙيون ڪري چوندا تہ ”ھن وڏي شھر جھڙو ٻيو ڪو وڏو شھر ڪونھي.“


اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو! اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو، ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪري ھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو. ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان. آءٌ رن⁠زال نہ آھيان، ۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘


ھنن وري ٻيو دفعو پڪاري چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. انھيءَ وڏي شھر جو دونھون ھميشہ ھميشہ تائين پيو اٿندو رھندو.“


ڏسو، آءٌ ھن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن سي جيڪڏھن پنھنجن ڪمن کان توبھہ نہ ڪندا تہ کين بہ وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ