Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:24 - Common Language New Testament

24 انھيءَ شھر مان نبين، خدا جي قوم وارن، ۽ زمين تي جيڪي قتل ڪيا ويا آھن، تن سڀني جو رت لڌو ويو ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ انهي ۾ نبين ۽ پاڪ ٿيلن جو، ۽ زمين تي جيڪي قتل ٿي ويا آهن تن سڀني جو رت لڌو ويو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ايشور جو سنديش ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ ڌرتيءَ تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 خدا جو پيغام ڏيندڙن توڙي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن، مطلب تہ جن کي بہ زمين تي ڪُٺو ويو آهي، تن سڀني جو رت تو ۾ ٿو ملي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:24
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي.


انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو.


اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.


يھودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي لوڌي ڪڍيائون. اھي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻھن جي خلاف آھن.


جڏھن اُھي پنھنجي شاھدي پوري ڪندا، تڏھن ھڪڙو حيوان اوڙاھہ مان نڪرندو، جيڪو ساڻن وڙھندو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجھندو.


ڇاڪاڻ⁠تہ ھنن خدا جي قوم وارن ۽ نبين جو رت وھايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو. اُھي انھيءَ جي ئي لائق آھن.“


مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ