Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:23 - Common Language New Testament

23 تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا ۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀَٽڪي ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀٽڪي ويون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:23
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ھو کيس ان ڪري مڃيندا ھئا جو ھن ڪيتري وقت تائين انھن کي پنھنجي جادوگريءَ جي وسيلي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو ھو.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“


انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


جيڪي تنبورا ۽ بانسري وڄائيندا ۽ ڳائيندا ھئا، ۽ جيڪي توتارا وڄائيندا ھئا، تن جو وري تو ۾ آواز بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪھڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ ڪنھن اٽي جي چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي⁠ايمان، ناپاڪ، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت⁠پرست ۽ ڪوڙا آھن، تن سڀني جي جاءِ انھيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندي، جيڪا باھہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري. اھو ئي ٻيو موت آھي.“


پر ڪتا، جادوگر، زناڪار، قاتل، بت⁠پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالھائيندڙ شھر کان ٻاھر ھوندا.


اڳتي وري ڪڏھن بہ رات نہ ٿيندي ۽ نہ وري انھن کي ڏيئي يا سج جي روشنائيءَ جي ضرورت پوندي، ڇالاءِ⁠جو خداوند خدا انھن کي روشنائي ڏيندو ۽ اھي ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندا.


دنيا جا بادشاھہ، حاڪم، وڏا سردار، دولتمند ۽ پھلوان، سڀيئي ٻانھا ۽ آزاد ماڻھو غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪا.


انھيءَ کان سواءِ ھنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبھہ نہ ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ