Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 18:20 - Common Language New Testament

20 اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو! اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو، ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪري ھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 اي آسمان، ۽ سڀيئي پاڪ ٿيل، ۽ رسول، ۽ نبي، اوهين انهي تي خوشي ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا انصاف ڪري هن کان اهو بدلو ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آڪاش! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلؤ! اي يسوع بابت خوشخبري ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 18:20
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوھين ڄڻ تہ ھڪ عمارت آھيو، جنھن جو بنياد رسولن ۽ نبين تي اڏيل آھي ۽ انھيءَ بنياد جو سڀ کان اھم پٿر پاڻ عيسيٰ مسيح آھي.


اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.


ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.


آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين انھن ڳالھين کي، جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آھن ۽ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جي انھيءَ حڪم کي ياد رکو، جيڪو اوھان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو ھو.


پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.


تنھنڪري اي آسمانو ۽ آسمانن جا رھاڪو! اوھين خوشيون ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوھان لاءِ افسوس آھي، ڇالاءِ⁠جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوھان ڏانھن لھي آيو آھي، انھيءَ ڪري جو خبر اٿس تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آھي.“


جيئن بابل ڪيو، تيئن اوھين بہ ھن سان ڪريو ۽ سندس ڪمن جو ٻيڻو بدلو ڏيوس. جيڪو پيالو ھن ڀريو، تنھن کي اوھين ٻيڻو ڀريو.


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ